نوابشاهه ويجهو خوفناڪ روڊ حادثو، ڊرائيور سميت ڇهه ڄڻا فوت، ٽيهه زخمي

news

نوابشاهه:(آچر 19 جولاءِ 2020ع) نوابشاهه ويجهو خوفناڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ڪوچ ڊرائيور سميت 6 ڄڻا فوت جڏهن ته 30 مسافر زخمي ٿي پيا. 

اکين ڏٺن شاهدن موجب قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ٽرالر کي ٽيڪ اوور ڪندي اونڌي ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا  فوت ٿي ويا. جڏهن ته 30 زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب نوابشاهه جي ويجهو قومي شاهراهه تي قاضي احمد باءِ پاس چوڪ تي ڪراچي ايندڙ مسافر ڪوچ ٽرالر کي اوور ٽيڪ ڪندي ٽڪرائجي اونڌي ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا. جڏهن ته 32 زخمي ٿي پيا.

لاشن ۽ زخمين کي سول اسپتال نوابشاهه منتقل ڪيو ويو جتي وڌيڪ  2 زخمي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا.

اسپتال اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي پر ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين پيپلز ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار ٿيندڙ مسافر ڪوچ مانسهره کان ڪراچي وڃي رهي هئي. فوت ٿي ويلن ۾ مسافر ڪوچ جو ڊرائيور به شامل آهي.

پوليس موجب فوتين جي بشمت خان، نصيب محمد، صاحب گل، ميران خان ۽ گل ريز طور سڃاڻپ ٿي آهي جڏهن ته زخمين ۾ نديم پٺاڻ، شاهد علي، منور شاهه، اسامه، فدا رحمان، امير داد گل، عبدالزرح، تاج الله، صفيح الله، انعام الله، ناهيده، شير محمد، نور ڪليم ۽ ٻيا شامل آهن.