ٽنڊومحمدخان: واپارين کير جو اگهه وڌائي ڇڏيو، هڪ سئو ڏهه روپين ۾ وڪرو ڪرڻ لڳا

news

ٽنڊومحمدخان(رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو)ڊومحمدخان شهر ۾ کير جي واپارين پاران کير جا اگهه وڌائي ڇڏيا، شهر جي مختلف  علائقن ۾ کير جا دڪاندار کير جو سرڪاري اگهه 90 روپيا وڪرو ڪرڻ بجاء 110 روپيا وڪرو ڪري رهيا آهن.


 ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ مقامي انتظاميا پاران شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪرڻ بعد کير جي واپارين کي وارننگ ڏئي پابند ڪيو ويو هو ته کير سرڪاري اگهه تي وڪرو ڪيو وڃي پر دڪاندارن پاران انتظاميا جا اهڙا حڪم هوا ۾ اڏايا ويا آهن.

 ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي ته شهر جا ڪجهه کير جا واپاري ڪيميڪل وارو کير وڪرو ڪري رهيا آهن جيڪو انساني صحت لاءِ تمام گهڻو هاڃيڪار آهي،  ٽنڊومحمدخان جي شهرين چيو ته کير جا واپاري وڌيڪ اگهه وٺي رهيا آهن هنن پنهنجا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، سرڪاري حڪمن تي عمل نه ڪري رهيا آهن.

 هنن چيو ته ڪيميڪل وارو کير ڪيتري عرصي کان وڪرو ٿي رهيو آهي، انتظاميا فوري طور تي اهڙن واپارين خلاف ڪاروائي ڪري ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.