ڏوڪري ۾ ڀاڻ ۽ دوائون نه ڏيڻ خلاف ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

news

ڏوڪري(رپورٽ:عبدالجبار ميمڻ)رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪري جي ملازمن جو ڀاڻ دوائون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو.

 رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪري جي ملازمن عبدالغني خاصخيلي، ديدار جوڻيجو، محمد يونس، محمد دائود، غلام عباس سمون، منير احمد سمون ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت احتجاج ڪيو ۽ هٽايو انچارج سونو گوپانگ کي هٽايو جا نعرا هڻندا رهيا.

 ان موقعي تي هنن چيو ته اسان فصلن کي ڀاڻ ۽ دوائون ڏيڻ لاءِ انچارج سونو خان گوپانگ کي چئون ٿا ته هو چوي ٿو نه ڏيندس ڀلي احتجاج ڪيو.

 هنن چيو ته اسان ڪنهن کي دانهن ڏيون هنن چيو ته ڊي جي کي ڪيترا دفعا چيو آهي پوءِ به داد فرياد ڪون ٿو ٿئي.

 هنن وزير اعلي سنڌ، صوبائي وزير اسماعيل راهو کان گهر ڪئي آهي ته اسان هارين جا مطالبا تسليم ڪري اسان کي ڀاڻ ڏنو وڃي ته جيئن اسان جو فصل بهتر ٿي سگهي.