خيبرپختونخواهه: چئن مهينن کان معطل پوليو کان بچاءُ واري مهم ويهه جولاءِ کان شروع

news

پشاور: (آچر 19 جولاءِ 2020ع) خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا وبا سبب 4 مهينن کان معطل پوليو کان بچاءُ واري مهم 20 جولاءِ کان شروع ٿيندي.

پشاور  پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي صحت واري وزير تيمور جهگڙا چيو آهي ته پوليو کان بچاءُ واري مهم 4 مهينن کان معطل  رهڻ کان پوءِ بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. 20 جولاءِ کان 5 ڏينهن واري  پوليو کان بچاءُ واري  مهم شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته ڏکڻ وزيرستان ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم جي شروعات ٿيندي. 78 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا.

  صحت واري وزير چيو ته پوليو مهم جي لاءِ 609 ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن. 594 موبائل ۽ 15 فڪسڊ ٽيمون شامل آهن. ٽيمن جي نگراني جي لاءِ 167 ايريا انچارج مقرر ڪيا ويندا. تيمور جهگڙا جو چوڻ هو ته پوليو ورڪر جي لاءِ سيڪيورٽي  جا بهتر انتظام  ڪيا ويا آهن ۽ ورڪرن ۽ اسٽاف کي ڪورونا وائرس کان محفوظ رکڻ جي لاءِ تربيت ڏني آهي.

مهم جي دوران سماجي وٿي ۽ ايس او پيز تي عمل ڪرڻ يقيني بنايو ويندو. پوليو ورڪرن کي ماسڪ، سينيٽائيزر، انفراريڊ، ٿرماميٽر فراهم ڪيا ويندا. تيمور جهگڙا اپيل ڪئي آهي ته والدين پوليو کان بچاءُ واري مهم ۾ اڳيان وڌي حصو وٺن.