ارڙهين ترميم ۾ صوبن جا حق

news

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جڏهن آئين ۾ 18 هين آئيني ترميم پارليامينٽ اتفاق راءِ سان منظور ڪئي هئي ته ملڪ جون ڪيتريون ئي اهم ڌريون مرڪز ۽ وڏي صوبي پنجاب ۾ ان ترميم جي خلاف وقت بوقت پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندا رهين آهن پر هن وقت تائين ڪنهن مرحلي تي ڪنهن به ڌر طرفان ان ترميم کي ختم ڪرڻ يا ان ۾ گهربل ترميم کي ختم ڪرڻ جي سختي سان ڳالهه نه ٿي هئي، هيءَ پهرين حڪومت آهي جنهن جي نه فقط ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ وزيرن طرفان 18 ترميم مان گهٽ ۾ گهٽ اهڙين ترميمن کي ختم ڪرڻ جا اعلان ڪيا ويا پر خود وزيراعظم عمران خان به ان سلسلي ۾ اڳيان اڳيان نظر ايندو رهيو آهي، ايتري تائين به جو وزيراعظم عمران خان هڪ دفعو اهو به چيو ته 18 هين آئيني ترميم سان صوبن جا وڏا وزير آمر بڻجي ويا آهن.

جڏهن هن اهڙي ڳالهه ڪئي ته سندس اشارو سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن هو ڇو ته باقي ٽن صوبن جا وزيراعليٰ يا ته انهن جي پارٽي جا آهن يا سندس پارٽي جي حمايت سان وزيراعليٰ ٿيا آهن، اها ڳالهه ڪنهن کان به لڪل ناهي ته هو پنهنجي روين ۽ قدمن سان وڏي وزير مراد علي شاهه سان پنهنجي ناپسنديدگي جو اظهار ڪندو رهيو آهي، وزيراعظم اڪثر ڪري ملڪ جي ٻين صوبن جو دورو ڪندو رهندو آهي پر سنڌ جا دورا نالي ماتر ڪيا آهن يا ائين چئي سگهجي ٿو ته ”مجبوري جي حالت ۾ ڪيا“ ۽ اها به گهٽ ڌيان ڏيندڙ ڳالهه ناهي ته جيڪڏهن هن سنڌ جا دورا ڪيا به ته ان جي خبر وڏي وزير کي ناهي ڏني ويندي ته فلاڻي ڏينهن وزيراعظم ڪراچي جي هوائي اڏي تي لهندو تنهن ڪري هو به اچي ان جو استقبال ڪري، ان کان علاوه وزيراعظم انهن دورن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪرڻ کان به نٽائيندو رهيو، اهڙي قسم جي ورتاءُ جو سنڌ جي نه فقط سياسي ڌرين پر عام ماڻهن به سخت نوٽيس ورتو آهي.

ان سلسلي ۾ سنڌ جا مشهور اسڪالر خانگي ملاقاتن ۾ اها شڪايت ڪندارهيا آهن ته اهڙي قسم جو رويو ته 1940ع دوران لاهور ۾ پاڪستان جي حق ۾ منظور ڪيل قرادادن جي کليل توهين آهي ڇو ته ان قراداد ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ جيڪي رياستون شامل هونديون اهي AUTONOUMOUS يعني خودمختيار هونديون پر پاڪستان ٺهندي ئي صوبن سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو اهو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ درد ناڪ داستان آهي.

ان سموري عرصي دوران صوبن کي خودمختيار ڪرڻ بجاءِ صوبن جي حيثيت نالي ماتر رهجي وئي، ان سلسلي ۾ گورنر جنرل غلام محمد جهڙن حڪمرانن جي دورن جو مثال ڏئي سگهجي ٿو، بعد ۾ حڪمرانن اولهه واري حصي جي صوبن جي حيثيت ختم ڪري ون يونٽ جي نالي تي اولهه پاڪستان وجود ۾ آندو، اولهه ۽ اوڀر پاڪستان وچ ۾ PANITY لاڳو ڪئي وئي حالانڪه اوڀر پاڪستان جي آبادي سموري اولهه واري حصي کان ته وڌيڪ هئي پر پنجاب جي آبادي ته هڪ اندازي موجب اوڀر پاڪستان جي آبادي جو شايد هڪ چوٿائي حصو هوندي هئي.

انهن سمورن عملن جي نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان ملڪ کان الڳ ٿي ويو، پوءِ اها ڳالهه به سڀني جي سامهون آهي ته مارشل لائن جو دور شروع ٿيو ته ان دور ۾ نه صوبا خودمختيار هئا  ۽ نه ئي ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت هئي، ان سموري صورتحال جو ٽوڙ 18 هين آئيني ترميم آهي، ان جو هڪ مثال ته 18 هين ترميم جي پهرين شق آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي.


And whereas the people of Pakistan have Relentlessly struggled for democracy and for attaining the ideals of a federal, Islamic, Democratic, Parliamentary and modern Progressive welfare state, Wherein the rights of the citizens are secured and the province a have equitable share in the federation.

اها شق پڙهي احساس ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ان شق تي من و عن عمل ٿي وڃي ته پاڪستان اڄ هڪ مثالي جمهوري، وفاقي ۽ ترقي پسند فلاحي رياست جي طور تي ڄاتو ويندو پر افسوس ته اهو آهي جو 18 هين آئيني ترميم کي منظور ٿئي ايڏو وڏو عرصو ٿي ويو آهي پر ان شق تي اڄ تائين عمل نه ڪيو ويو. 

اڄ به ملڪ جي نظام جو جائزو وٺڻ سان احساس ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ ان شق تحت اڄ تائين هڪ به تبديلي نه آئي، آئون هتي ان آرٽيڪل جي فقط آخري ٻن سٽن جو ترجمو پيش ڪري رهيو آهيان جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ”پاڪستان هڪ اهڙي جديد، ترقي پسند، فلاحي رياست ٿيندو جنهن ۾ سمورن شهرين جا حق محفوظ هوندا، هاڻ ذهن سوال ڪري ٿو ته هن وقت ڇا وفاق ۾ سمورن شهرين جا حق محفوظ آهن ۽ ڇا وفاق ۾ سمورن شهرين کي هڪ جيترا حق حاصل آهن؟ هئڻ ته ائين گهرجي ته 18 هين ترميم ۾ ٽوڙڦوڙ پيدا ڪرڻ بجاءِ سڀ کان پهرين ان آرٽيڪل تي عمل ڪيو وڃي، 18هين ترميم جي آرٽيڪل 12(جي) ۾ ان شروعاتي آرٽيڪل کي وڏي وضاحت سان پيش ڪيو ويو، ان آرٽيڪل ۾ چيو ويو آهي ته:

12(g) the shares of the provinces in all federal services, including autonomous bodies and corporations established by, the federal government, shall be secured and any omission in the allocation of the shares of the provinces in the past shall be rectified

“سموريون وفاقي نوڪريون بشمول خودمختيار ادارا ۽ ڪارپوريشنز جيڪي وفاقي حڪومت طرفان قائم ڪيون ويون يا وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ هجن، ۾ صوبن جا حصا محفوظ هوندا ۽ جيڪڏهن ماضي ۾ صوبن جو حصو شمار نه ڪيو ويو ته ان جي درستگي ڪئي وڃي. 


(مضمونگار:جي اين مغل)