سڄي ملڪ ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم اڄ کان شروع: اٺ لک کان وڌيڪ ٻارن کي ڦڙا پياريا ويندا

news

اسلام آباد: (سومر 20 جولاءِ 2020ع) سڄي ملڪ ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم اڄ کان ٻيهر شروع ڪئي ويندي. مخصوص ضلعن ۾ پنج سال کان گهٽ عمر جي اٺ لک ٻارن کي ڦڙا پياريا ويندا.

ڪورونا سبب چئن مهينن کان اها مهم معطل هئي. چئن مهينن کان معطل پوليو مهم کي اڄ کان ملڪ جي مخصوص ضلعن ۾ شروعات ڪئي ويندي. پهرين مرحلي ۾ فيصل آباد، اٽڪ، ڏکڻ وزيرستان، ڪراچي ۽ ڪوئٽه جي ڪجهه علائقن ۾ پنج سال کان گهٽ عمر وارن اٺ لک ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا.

پوليو مهم اهڙن علائقن ۾ هلائي ويندي جتي وائرس جي موجودگي وڌيڪ آهي. پوليو کان بچاءُ بابت پروگرام جي ترجمان موجب ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکندي پوليو مهم سخت متاثر ٿئي آهي پر هڻ خاص قدمن ۽ ايس ايس او پيز جو خيال رکندي ٻيهر مهم کي هلايو پيو وڃي. صوبن سان گڏيل صلاح مشوري کان پوءِ حڪمت عملي ترتيب ڏني وئي آهي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته جون ۾ ٽيڪنيڪل ايڊوائزري گروپ  کان باقاعده منظوري ورتي وئي. هن سال هينئر تائين پوليو جا 58 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن مان 21 خيبرپختونخواهه،  سنڌ  اندر 20، بلوچستان ۾ 14 ۽ پنجاب ۾ 3 ڪيس سامهون آيا.