افغانستان ۾ سيڪيورٽي فورس تي حملي سبب تيرنهن اهلڪار مارجي ويا، ڏهه زخمي

news

ڪابل: (سومر 20 جولاءِ 2020ع) افغان صوبي قندوز ۾ افغان سيڪيورٽي فورس تي  طالبان جي حملي ۾ 13 اهلڪار مارجي ويا جڏهن ته 10 زخمي ٿي پيا.

افغان ميڊيا موجب صوبي قندوز ۾ افغان سيڪيورٽي فورس تي  طالبان جي حملي جي نتيجي ۾ 13 اهلڪار مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا.

مارجي ويلن ۾ 9 پوليس اهلڪار جڏهن ته  4 فوجي شامل آهن. افغان سيڪيورٽي ذريعن موجب طالبان صوبي قندوز ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي رات هڪ وڳي حملو ڪيو هو جنهن کان پوءِ علائقي ۾ وڌيڪ فورس جي دستن کي طلب ڪيو ويو.

سيڪيورٽي فورس سان چڪرين دوران طالبان جو به جاني نقصان ٿيو پر ان حوالي سان سرڪاري طور تي تصديق ناهي ٿي سگهي.