ڏوڪري رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي هارين پاران ڀاڻ ۽ ٻج نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ڏوڪري: رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪري جي هارين ڀاڻ ٻج نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي هاري اڳواڻن عبدالغني خاصخيلي، محمد علي، ديدار جوڻيجو، محمد يونس ۽ ٻين چيو ته اسان جو فصل پچي رهيو آهي پر اداري جو اسٽيٽ آفيسر اسان کي ڀاڻ نٿو ڏيئي جنهن ڪري اسان پريشاني جو شڪار آهيون. هنن چيو ته اسان سالن کان هي زمينون ڪندا ٿا اچون جيڪا 50کان 60 مڻ سارين جي اپت جريب تي آهي ته اوهان اندازو لڳايو ته ان هوندي به هي اسٽيٽ آفيسر گهٽ اڃا ڏيکاري لکين رپيا هڙپ ڪيا آهن.

هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا ڊي جي کي شڪايتون ڪيون آهن پر هن به داد فرياد نه ڪيو هنن چيو ته وقت سر ڀاڻ يا دوائون نه ڏبيون ته فصل تباھ ٿي ويندو ۽ لکين روپيا هڙپ ڪيا ويا. هنن چيو ته جيستائين اسان کي پنهجو حق ۽ اسٽيٽ آفيسر کي نه هٽايو ويندو ته اسان جو احتجاج جاري رهندو. هنن سنڌ جي وڏي وزير کان گهر ڪئي آهي ته اسان کي ڀاڻ دوائون فراهم ڪيو وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.