ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ مقتول عورت رفيعت لاشاري قتل ۾ ملوث مک جوابدار گرفتار

news

ڏوڪري: ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ سيهڙ پوليس مقتول عورت رفيعت لاشاري قتل ۾ ملوث مک جوابدار عاشق کيڙو کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

گرفتار جوابدار عاشق کيڙو کي سيهڙ پوليس ڳجهي اطلاع تي ٽاٽڙي لاڙو وٽان ڳوٺ پير بخش بروهي ۾ ڇاپو هڻي جوابدار کي گرفتار ڪيو.

جڏھن ته گرفتار جوابدار عاشق کيڙو 10 ڏينهن پهريان ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ مقتول عورت رفيعت لاشاري کي گهر اندر داخل ٿي پسٽل جون گوليون هڻي قتل ڪيو هو.

هوڏانهن مقتول عورت جو مڙس فيض محمد لاشاري سيهڙ ٿاڻي تي 2 جوابدارن عاشق علي کيڙو ۽ عرفان کيڙو سميت 2 نامعلوم جوابدارن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪرايو هو.

هوڏانهن سيهڙ ٿاڻي جو ايس ايڇ او ممتاز سيال ميڊيا کي ٻڌايو ته مقتول عورت جي قتل ۾ ملوث ٻيو جوابدار عرفان کيڙو کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.