پاڪستان ۾ بيگو کي بند ڪرڻ جو فيصلو: ٽڪ ٽاڪ کي به آخري وارننگ جاري

news

اسلام آباد: (اڱارو 21 جولاءِ 2020ع) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) لائيو اسٽريمنگ ايپليڪيشن بيگو کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جڏهن ته ٽڪ ٽاڪ کي به آخري وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.

پي ٽي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته مختلف طبقن طرفان ٽڪ ٽاڪ تي غير اخلاقي وڊيوز جون شڪايتون ملي رهيون آهن جنهن تي وارننگ ڏني وئي هئي پر ٽڪ ٽاڪ طرفان لکت ۾ جواب تسلي بخش ناهي ڏنو ويو. ان ڪري حتمي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.

پي ٽي اي وارننگ جاري ڪندي چيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ تان سموريون غير اخلاقي وڊيوز  هٽايون وڃن ۽ ٽڪ ٽاڪ تي  آئنده اهڙيون وڊيوز اپ لوڊ نه ڪرڻ جي يقين دهاني  ڪرائي وڃي. ان کان علاوه پي ٽي اي فحش ۽ غير اخلاقي مواد تي لائيو اسٽريمنگ ايپليڪيشن بيگو کي فوري طور تي پاڪستان ۾ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.