گهر ۾ وائي فائي جا سگنلز سست ڇو ٿيندا آهن؟ ان جا سبب ڄاڻو

news

لاهور: (اڱارو 21 جولاءِ 2020ع) گهر ۾ وائي فائي جا سنگنلز سست ٿيڻ سان آن لائن ڪيل ضروري ڪمن ۾ پريشاني پيدا ٿيندي آهي ۽ ٻيون سرگرميون به معطلي جو شڪار ٿي وينديون آهن.

اهڙي پريشاني واري حالت ۾ اڪثر رائوٽر کي آن آف ڪيو ويندو آهي پر تڏهن به اهو مسئلو حل نه ٿئي ته ان جا سبب ڪهڙا ٿي سگهن ٿا.؟ جيڪڏهن اوهان جي وائي فائي رائوٽر ڪنهن ڪاٺ جي فرنيچر تي رکيل آهي يا ڌات جي ٺهيل ڪنهن شيءَ تي ته هي هڪ ڪنڊيڪٽر آهي ۽ ڪنڊيڪٽر بجلي کي پنهنجي اندر جذب ڪندو آهي. يعني وائي فائي رائوٽر اليڪٽرو ميگنيٽڪ لهرون پيدا ڪندو آهي ۽ فرنيچر ان لهرن کي پنهنجي اندر جذب ڪري سگنلز کي ڪمزور بنائي ڇڏيندو آهي.

رائوٽر کي هميشه اهڙي جڳهه تي رکو جتي ويجهو ڪوبه شيشو موجود نه هجي ته ان سان ان جا سنگنلز پري تائين وڃي سگهن ٿا ڇو ته شيشي جي مٿان لڳل مٽيريل وائي فائي سنگنلز کي به ريفليڪٽ ڪندو آهي ۽ ائين ئي سگنلز ڪمزور ٿي ويندا آهن. ان کان علاوه اهڙي بجلي جون شيون جن ۾ پائپ لڳل هوندا آهن اهي به وائي فائي سگنلز کي ڪمزور بنائي ڇڏيندا آهن ڇو ته پاڻي وائرس لهرن  جي ڪجهه طاقت پنهنجي اندر جذب ڪري وٺندو آهي جنهن سان وائرليس سنگلز ڪمزور ٿي ويندا آهن.

رائوٽر کي اهڙين اليڪٽرونڪس وارين شين جي ويجهو نه رکڻ گهرجي جيڪي ميگنيٽڪ ويوز پيدا ڪندا هجن جيئن تيز روشني واريون لائٽون يا پراڻا بلب وغيره. اهڙي طرح مائيڪرو يو  به عام طور تي اهڙيون ئي لهرون پيدا ڪندا آهن جيڪي وائي فائي رائوٽر سان ملندڙ جلندڙ آهن ان لاءِ رائوٽر کي مائيڪرو يواون جي ويجهو نه رکيو وڃي ته جيئن وائي فائي سگنلز  سٺي رفتار سان هلي سگهن.