ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن شھيد بينظير آباد پاران ڪورونا سبب سول ڪورٽن ۾ ڪارونھوار معطل ٿيڻ خلاف احتجاج

news

نوابشاهه: ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن شھيد بينظير آباد پاران ڪورونا وائرس جي ڪري سول ڪورٽن ۾ ڪيس ايڊمٽ نه ڪرڻ جي حوالي سان نوابشاهه جي وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪندي سيشن ڪورٽ جي ٻاهران ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن شھيد بينظير آباد جي ضلعي جنرل سيڪريٽري علي رضا چنا، سينيئر وائيس پريزيڊنٽ سيد علي حيدر شاهه، جي ايم خاصخيلي، اياز حسين گوپانگ، مختيار حسين رند، ڪريم بخش رند، شبانه خان، عبدالستار ڏاھري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

جتي احتجاج ڪندڙن چيو ته گذريل پنجن مھينن کان سول ۽ فيملي ڪورٽن جو ڪارونھوار معطل ھجڻ جي ڪري عوام سان گڏ اسان وڪيل به سخت پريشان آھيون، ھنن چيو ته اسان وڪيلن جو گذر سفر صرف وڪالت تي آھي ۽ سول ڪورٽن ۾ ڪارونھوار معطل ھجڻ جي ڪري اسان جو گذر سفر مشڪل ٿي ويو آھي، ھنن چيو ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ سول ۽ فيملي ڪورٽن جا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن صرف شھيد بينظير آباد ۾ انھن جو ڪارونھوار معطل ڪيو ويو آھي، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چيف جسٽس آف سنڌ کي اپيل ڪئي ته نوابشاهه ۾ سول ۽ فيملي ڪورٽ جو ڪارونھوار بحال ڪيو وڃي ته جيئن اسان پنھنجو گذر سفر ڪري سگھون.