نوابشاهه جي علائقي تاج ڪالوني جو رھواسي لاڪ ڊائون سبب فاقاڪشي تي مجبور، مالي مدد جي اپيل

news

نوابشاهه: نوابشاهه جي علائقي تاج ڪالوني جي رھواسي نوجوان ارشد علي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آھي ته مان ھوٽل تي ليبر انچارج جو ڪم ڪندو آهيان، جڏھن کان لاڪ ڊائون ٿيو آهي مان بيروزگار ٿي ويو آھيان گھر جا حالات انتھائي مشڪل ٿي ويا آھن.

ھن چيو ته مون کي ٽن نياڻين جو اولاد آھي، ھن حالتن ۾ روزگار جو ڪوبه ذريعو ناھي، ھن چيو ته ھن وقت تائين منھنجي ڪنھن به مدد ناھي ڪئي، احساس پروگرام ۾ درخواست ڏني ليڪن اڃان تائين ڪابه مدد ناھي ٿي، ھن چيو ته مان خانگي بينڪ مان قرص کنيو ھو جيڪا ھن وقت تائين واپس نه ڪري سگھيو آھيان ۽ ھاڻي بينڪ وارا مون کي پريشان ۽ حراسان ڪن ٿا.

ھن چيو ته مان ھن وقت سڀ ڪجهه کپائي چڪو آھيان ۽ ھاڻي کپائڻ لاءِ به ڪجهه ناھي، ھن چيو ته ھاڻي صرف آخري رستو خودڪشي جو وڃي بچيو آھي. ھن مطالبو ڪيو ته جيڪڏھن منھنجي ٽن ڏينهن جي اندر ڪنھن مدد نه ڪئي ته مان ٻارن سميت خودڪشي ڪري ڇڏيندس.