جوهي لڳ ڊرگھ بالا ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻه ڄڻا زخمي

news

جوهي: جوهي لڳ ڊرگھ بالا ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ واٽر تان پاڻي نه ڏيڻ تان ٻن ڌرين جي وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جهيڙي جي نتيجي ۾ بشير احمد ۽ شبير پُٽ محمد چانڊيو زخمي ٿي پيا، زخمين کي تعلقه اسپتال جوهي جتي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد دادو ريفر ڪيو ويو.

تفصيل موجب ڊرگھ بالا ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ احمد خان چانڊيو ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ واٽر تان  پاڻي نه ڏيڻ تي جهيڙو ٿي پيو، جوابدار اسحاق چانڊيو، مولا بخش چانڊيو، رجب چانڊيو، نثار چانڊيو پاران ۽ ڏنڊن ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري بشير ۽ شبير پُٽ محمد چانڊيو کي شديد زخمي ڪري وڌو، زخمين جا وارث مريض ساڻ ڪري ڊرگھ بالا ٿاڻي تي ليٽر وٺي جوهي تعلقه اسپتال پهتا جتي فرسٽ ايڊ ڏيڻ  بعد دادو ريفر ڪيو ويو.

ان موقعي تي زخمين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جي پنهنجي زمين ۾ واٽر نڪتل  آهي، ان واٽر مان اسحاق چانڊيو ڌُر جا ماڻهو زبردستي پاڻي پنهنجي زمين ڏانهن ڪڍي رهيا هئا، پاڻي روڪڻ تان جهيڙو ٿيو آهي، جوابدرا ڌُر ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون کڻي آيا ۽ اسان سان بيواجبي جهيڙو ڪيائون. هنن چيو ته اسان ڪافي سالن کان پنهنجي هن واٽر مان زمينون آباد ڪندا آهيون هي زبردستي پاڻي بند ڪرائڻ چاهين پيا. هنن چيو ته ڊرگھ بالا پوليس ڪافي ڪلاڪ گذرڻ باوجود اڃان تائين ڪا به گرفتاري نه ڪئي آهي. هنن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ خونريزي کان بچايو وڃي.