راولپنڊي ۾ نافرمان پٽ پاران زال سان ملي ماءُ ۽ ڀيڻ مٿان وحشياڻو تشدد، وڊيو وائرل

news

راولپنڊي: (اربع 22 جولاءِ 2020ع)  راولپنڊي ۾ ٿاڻي صادق آباد جي علائقي ۾ زال سان ملي پٽ ماءُ ۽ ڀيڻ کي وحشياڻو تشدد جو نشانو بنايو.  تشدد واري  وڊيو وائرل ٿيڻ تي ريجنل پوليس آفيسر راولپنڊي سهيل حبيب تاجڪ سخت نوٽيس وٺندي ميڊيڪل کان پوءِ جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

زال ۽ مڙس جي گرفتاري لاءِ پوليس جا ڇاپا جاري آهن. پوليس اختيارين موجب صادق آباد جي علائقي ڊهوڪ علي اڪبر ڪري روڊ جي رهواسڻ مسمات گلناز بي بي جو پٽ ارسلان ۽ ننهن بسمه جيڪي والدين کان ڌار رهندا آهن اهي والدين سان ملڻ جي لاءِ ان جي گهر آيا جتي ارسلان جي ڀيڻ ۽ ان جي گهر واري جي ڪنهن ڳالهه تي تڪرار شروع ٿي جيڪا ايترو وڌي وئي جو جهيڙو شروع ٿي ويو.

ان دوران مذڪوره عورت جو پٽ ارسلان به وچ ۾ پيو ۽ هن زال سان ملي ماءُ گلناز بي بي کي تشدد جو نشانو بنايو. گهر ۾ ڪنهن ماڻهو تي تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي جنهن جي رپورٽ ملندي ئي ريجنل پوليس آفيسر سهيل حبيب تاجڪ ۽ سي پي او راولپنڊي احسن يونس نوٽيس وٺي پوليس کي فوري طور تي ڪارروائي جو حڪم ڏنو. ايس ايڇ او صادق آباد طاهر ريحان جو ان حوالي سان چوڻ هو ته تشدد جو نشانو بنجندڙ عورت گلناز بي بي جو ميڊيڪل ڪرائي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته جوابدارن ارسلان ۽ ان جي گهر واري جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ايس ايڇ اوصادق آباد  موجب معاملو گهريلو تڪرار لڳي رهيو آهي پر جاچ ۾ صورتحال وڌيڪ واضح ٿي ويندي. ٻئي طرف ايف آءِ آر ۾  گلناز بي بي موقف اختيا ڪيو ته ننهن بسمه ۽ پٽ ارسلان  روزاني جهيڙو ڪندا رهندا آهن. گذريل ڏينهن به هنن ٻنهي مون کي ڌڪا ڏنا ۽ مارڪٽ ڪري  تشدد  جو نشانو بنايو.