ون پلس جو ايئربڊز لانچ ڪرڻ جو اعلان قيمت دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو

news

بيجنگ: (اربع 22 جولاءِ 2020ع) اسمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني ون پلس اعلان ڪيو آهي ته هو جلد  پنهنجا ايئربڊز متعارف ڪرائيندي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ون پلس جو چوڻ آهي ته اسان جي ايئربڊز جي قيمت گهٽ هوندي ۽ ان جو ڊيزائن به  خوبصورت هوندو. ون پلس جو چوڻ آهي ته ون پلس ايئربڊز جي قيمت 79 ڊالر يعني پاڪستاني تقريبن 12 هزار جي لڳ ڀڳ هوندي. ان لاءِ انهن کي پنهنجي معيار جي اعتبار سان سستا ترين وائرليس ايئربڊز چيو ويندو آهي.

ٻئي طرف جيڪڏهن ايپل، سام سانگ ۽ هواوي جهڙي ڪمپنين جي ڳالهه ڪئي وڃي ته انهن جي ايئربڊز جي قيمت ڪافي وڌيڪ آهي ۽ اها هڪ عام ماڻهو جي پهچ کان پري آهن. ايئربڊز جي چارجنگ جي حوالي سان ڪمپني جو چوڻ آهي ته ان کي هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ کان پوءِ 30 ڪلاڪ تائين استعمال ڪري سگهجي ٿو.

ڪمپني ايئرپوڊز مارڪيٽ ۾ پيش ڪرڻ جي حوالي سان حتمي تاريخ ناهي ڏني پر صرف ايترو چيو آهي ته ان کي جلد وڪري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.