چوھڙجمالي ڀرسان پوليس جا ڇاپا، واپارين کان ڦر ڪيل ساڍا پنج لک رپيا هٿ، ٻه جوابدار گرفتار

news

چوھڙجمالي: چوھڙجمالي ڀرسان پوليس جا ڇاپا، ڪجھ عرصو اڳ وچ شھر مان واپارين کان ڦر ڪيل ساڍا 5 لک رپيا هٿ.

چار مھينا اڳ چوهڙ جمالي باءِ پاس تي سيمينٽ لوهه جي واپاري عبدالرزاق جتوئي ۽ شوڪت ميمڻ جي دڪانن تان ڦورو 8 لک روپيه ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا، جن مان ايس ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر جي ھدايتن تي آءِ ٽي انچارج سجاول حفيظ ڀرٽ ۽ ايس ايڇ او شاهنواز اوٺو جي اڳواڻي ۾ جوڙيل پوليس ٽيم جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ٻن خطرناڪ ڏوهارين علي محمد مغيري ۽ امداد منگي کي گرفتار ڪري ورتو هو، جن کان هڪ عدد پسٽل ۽ هڪ لک رپيا ڦر ڪيل رقم هٿ ڪئي ويئي هئي.

جڏهن ته تازو چوھڙجمالي پوليس واپارين جي ڦر ۾ ملوث جوابدارن خادم عرف نانو مغيري ۽ حبيب الله منڱريو جي موجودگي جي اطلاع تي چوهڙ جمالي ڀرسان ڪرنل فارم تي ڇاپو ھنيو جتي پوليس کي ڏسي ملزم فرار ٿي ويا ۽ پوليس جاءِ واردات تان ڦر ڪيل 5 لک 50 ھزار روپيا ھٿ ڪري ورتا، جڏھن ته جوابدار حبيب الله منڱريو ۽ خادم عرف نانا مغيري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

ٻئي طرف ايس ايس پي سجاول جي ترجمان موجب فرار ٿيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس طرفان ڇاپا جاري آهن، پوليس جديد ٽيڪنالاجيء جي مدد سان واپاري عبدالرزاق جتوئي ۽ شوڪت ميمڻ جي ڦر ۾ ملوث ٻن خطرناڪ ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ بقايا جوابدارن جو پيڇو ڪيو پيو وڃي، کين هرگز بخش نه ڪيو ويندو، هن چيو ته ڪارروائي دوران پوليس ساڍا پنج لک رپيا هٿ ڪري ورتا آهن.

هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته ڦر ۾ گرفتار ڪيل هڪ جوابدار علي محمد مغيري جيڪو 2009 ۾ جيڪب آباد جي ٿاڻي مولا داد جي حد ۾ ڦر دوران قتل ڪيس ۾ روپوش ۽ اشتهاري ملزم پڻ آهي، اهو پڻ معلوم  ٿيو آهي ته مذڪورا ڦورن جو ٽولو ضلعي سجاول سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سنگين نوعيت جي ڦرن ڌاڙن توڙي رهزني جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهي.