ڏوڪري ۾ روڊ برساتي پاڻي سان تلاءَ بڻجي ويا، مختلف علائقن مان بجلي غائب، عوام پريشان

news

ڏوڪري(رپورٽ:عبدالجبار ميمڻ) ڏوڪريءَ ۾ گذريل رات جي برسات کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن مان بجلي غائب ۽ روڊن تي پاڻيءَ جا تلاءَ بڻجي ويا آهن. 

ڏوڪريءَ ۾ گذريل رات 2 ڪلاڪن تائين برسات جاري رهي جنهن سبب شهر جي بازارن ۾ پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيهي ويو آهي، شهر جي مکيه بازار سميت ڀٽائي چوڪ ۽ ٻين هنڌن تي برسات ۽ نالين جو گندو پاڻي جمع ٿي ويو آهي.

 ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جون پگهارون نه ٿيڻ سبب ملازم ڪم ڇڏ هڙتال تي آهن، جنهن سبب ناليون پهريان کان ئي بند هيون، انتظاميا طرفان پاڻيءَ جي نيڪال ۽ شهر جي صفائي سٿرائي لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آهن.

 ٻئي طرف برساتي وسڪاري سبب شهر جي مختلف پاڙن ۾ بجليءَ جا 3 ٽرانسفارمر پڻ سڙي ويا آهن، جنهن ڪري اڌ کان وڌيڪ شهر ۾ بجلي بحال نه ٿي سگهي آھي.