سجاول ۾ اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاهه شيرازي جي ميڊيا ٽرائل خلاف احتجاج، ريلي

news

سجاول (رپورٽ: نديم ميمڻ) اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي جي ميڊيا ٽرائل، ڪردار ڪشي ۽ مبينا من گهڙت الزامن جي خلاف ٻيلي شهر جي عوام ۽ شيرازي برادري جي حامين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ادا عمر ميمڻ، معيز ميمڻ، وڏيرو خميسو ٻجورو، شفيع ميمڻ، منظور شاھ، حاجي سومار ميمڻ، خدا بخش چارڻ، وڏيرو عبدالغني خاصخيلي، وڏيرو شير ھالو، وڏيرو دوست محمد گھوٽو، عبدالقيوم ڪوريجو، شعيب ميمڻ، شفيع ميمڻ، حفيظ ميمڻ جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪري شيرازي برادري جي حمايت ۽ الزام هڻندڙ ڌر خلاف سخت نعري بازي ڪئي.

ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو تہ شيرازي ڀائرن هميشہ ضلعي سجاول جي عوام جي خدمت ڪئي آهي ان ڪري ضلعي جي عوام جي شيرازي ڀائرن تي ڪوبہ الزام برداشت نہ ڪندو، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت کي گهرجي تہ هو هن مسئلي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي شيرازي ڀائرن تي الزام هڻندڙن خلاف نوٽيس وٺي.