پاڻي جي بوتل جيان نظر ايندڙ ننڍو ۽ سستو ويڪيوم ڪليئر

news

بيجنگ: (ڇنڇر 25 جولاءِ 2020ع) چين جي مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني شيائومي تازو ئي هڪ بهترين ايجاد ڪئي جنهن جو استعمال سان گهر جي صفائي ڪرڻ تمام گهڻو آسان ٿي ويندي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب شيائومي تازو ئي هڪ اهڙو ويڪيوم ڪليئر متعارف ڪرايو آهي جيڪو ڏسڻ ۾ هڪ بوتل جيان آهي. هن نئين ويڪيوم ڪليئر جو نالو ميجيا بينڊ بيلڊ ويڪيوم ڪليئر آهي جنهن کي خاص طور تي ڪنهن به شخص جي انفرادي استعمال ڪرڻ جي لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ جيڪو شخص وڌيڪ سفر ڪندو آهي هي ان جي لاءِ تمام گهڻو فائديمند سمجهيو ويندو آهي.

هن ويڪيوم ڪليئر جي هڪ پاڻي جي بوٽل جيان ڊيزائن ڪيو ويو آهي جنهن ۾ موجود ايڪسٽينڊ ايبل نوزل صفائي جو ڪم ڪندو آهي. ڪمپني جو چوڻ آهي ته هن ويڪيوم ڪليئر جو وزن 500 ملي ميٽر پاڻي جي بوٽل کان به گهٽ آهي جڏهن ته  هي بجلي  به انتهائي گهٽ استعمال ڪندو آهي.

ميجيا بينڊ بيلڊ ويڪيوم ڪليئر ۾ برش ليس موثر آهي ۽ ان جي سڪشن پاور يعني ڌوڙ، مٽي ۽ گندگي کي ڇڪڻ جو پاور تمام گهڻو آهي ۽ هي عام ويڪيوم ڪليئر کان وڌيڪ گندگي صاف ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آهي. ٻئي طرف هن ويڪيوم ڪليئر جي خاص ڳالهه اها آهي ته هي هڪ وائرليس ويڪيوم به آهي.

اهڙي جڳهه جتي پاور ساڪٽ موجود نه آهي جيئن ڪا گاڏي ته هي اتي به آساني سان صفائي ڪري سگهي ٿو. صارفين هي ويڪيوم ڪلينر 29 جولاءِ کان صرف 28 ڊالرن ۾ حاصل ڪري سگهندا. جڏهن ته في الحال هن کي چين ۾ ئي وڪرو جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.