بي بي وائپ جي پيڪٽ مان ٺهيل انوکو ماسڪ

news

لنڊن: (ڇنڇر 25 جولاءِ 2020ع) ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ ماسڪ پائڻ تي سڀني کان وڌيڪ زور ڏنو پيو وڃي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي هاڻ ماسڪ پائڻ ۾ پريشاني محسوس ٿي رهي آهي.

ڪيترن ئي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ماسڪ پائڻ سان اسان جو ساهه ٻوساٽجي ٿو جڏهن ته ڪجهه ماڻهن اها به شڪايت ڪندا آهن ته اسان کي ماسڪ لڳائڻ  پوءِ ماني کائڻ ۾ تمام گهڻي پريشاني ٿيندي آهي. اهڙي صورتحال دوران سڄي دنيا ۾ مختلف ڪمپنين سان گڏوگڏ عام ماڻهو به پنهنجي پسند جا ماسڪ تيار ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

تازو ئي هڪ عورت پاران(بي بي وائپ) جي پيڪٽ جو استعمال ڪندي هڪ اهڙو انوکو ماسڪ تيار ڪيو آهي جنهن کي ڏسڻ کان پوءِ شايد اوهان  کي به کل اچي وڃي. عورت بي بي وائپ جي پيڪٽ جو اهو حصو جتان کان وائپ  ڪڍڻ کان پوءِ ان کي واپس بند ڪيو ويندو آهي. استعمال ڪندي ماسڪ تيار ڪيو جنهن کي پائڻ کان پوءِ هو آساني سان  کائي پي به سگهندا.

هن ماسڪ ۾ لڳل فليپ سبب ان کي جڏهن چاهيو  تڏهن کولي ۽ بند به ڪري سگهجي ٿو. عورت ماسڪ لڳائي سوشل ميڊيا تي پنهنجي وڊيو شيئر ڪئي جنهن کان پوءِ صارفين طرفان ان ماسڪ تي دلچسپ تبصرا به سامهون اچي رهيا آهن.