داد لغاري ويجهو ڳوٺ ڪينجهر پتافي ۾ نوجوان مرگهي وگهي واٽر ڪورس ۾ ڪرڻ سبب فوت

news

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) داد لغاري ويجهو ڳوٺ ڪينجهر پتافي ۾ نوجوان مرگهي وگهي واٽر ڪورس ۾ ڪرڻ سبب فوت، لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو.

رپورٽ موجب داد لغاري ويجھو ڳوٺ ڪينجھر پتافي ۾ حسن پتافي جو نوجوان پٽ 15 سالن جو اشفاق احمد پتافي مرگھي ھئڻ ڪري گھرن اڳيان وھندڙ واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آھي. لاش گھر پھچڻ تي قھرام متل آھي.