آمريڪي سائنسدان انٿوني فائوچي ڊسمبر تائين ڪورونا کان بچاءُ واري ويڪسين آڻڻ لاءِ پراميد

news

واشنگٽن: (ڇنڇر 25 جولاءِ 2020ع) آمريڪي سائنسدان انٿوني فائوچي ڊسمبر تائين ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي اچڻ جي اميد ٻيهر ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

ڊاڪٽر  انٿوني فائوچي چيو آهي ته ڊسمبر تائين  ڪابه ه ويڪسين کي محفوظ قرار ڏئي سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته 2021 جي ڪجهه مهينن تائين ويڪسين سمورن ماڻهن جي لاءِ ميسر نه هوندي پر 2021 جي ڪجهه مهينن کان پوءِ ڪروونا ويڪسين وڏي پيماني تي ملي سگهندي.

ڊاڪٽر فائوچي چيو ته ٽرمپ جي تازي ڪورونا بابت پريس ڪانفرنس تي خوش آهيان. هن چيو ته ٽرمپ ماڻهن کي ماسڪ پائڻ ۽ سماجي وٿي اختيار ڪرڻ جو چئي رهيو آهي. آمريڪي سائنسدان چيو آهي ته ڪورونا وائرس بابت اڃان تائين ڪيترائي جواب گهربل آهن.

ڊسمبر تائين ٿيندڙ تحقيق ۾ اميد آهي ته ڪجهه جواب ملي  ويندا. ٻئي طرف آڪسفورڊ يونيورسٽي جي تيار ڪيل ڪورونا  ويڪسين  جا بهتر نتيجا ملي رهيا آهن. يونيورسٽي انتظاميه موجب هڪ هزار کان وڌيڪ  ماڻهن تي ويڪسين جو ٽرائل ڪيو ويو ۽ ويڪسين اينٽي باڊيز تيار ڪئي.

هوڏانهن صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) ڪورونا ويڪسين جي تحقيق ۾ ڪاميابي  جي آجيان ڪئي آهي.