بدين ڀرسان ميرواهه لڳ فصل ۾ ڦوهارو ڪندي هاري کي نانگ ڪکي وڌو، علاج دوران فوت

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) بدين شهر ڀرسان ميرواهه لڳ فصل ۾ دوا جو ڦوهارو ڪندي نوجوان هاري رامچند ڪولهي کي ڪاري نانگ ڪکي وڌو جنهن کي علاج لاءِ انڊس اسپتال داخل ڪيو ويو پر زهر جو اثر وڌڻ سبب علاج دوران فوت ٿي ويو.