ڄامشورو جي غريب آباد ڪالوني واسڻ ناري جو پنهنجي امڙ ۽ ڀائرن سميت پيءُ جي ناانصافين خلاف احتجاج

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ڄامشورو جي غريب آباد ڪالوني واسڻ ناري پنهنجي امڙ ۽ ڀائرن سميت پيءُ جي ناانصافين خلاف احتجاج ڪندي تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.

ڄامشورو جي غريب آباد ڪالوني واسڻ 16 ورهين جي ناري مومنان ٻرڙو، پنهنجي پيرسن امڙ حليمان، ڀاءُ حبيب ٻرڙو، معصوم ڀائرن حسنين علي، احمد علي ۽ محمد علي ٻرڙو سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته منهنجو پيءُ موالي قسم جو ماڻهو آهي، جيڪو مون سميت امڙ ۽ ٻين گهرڀاتين تي بناجواز تشدد ڪندو رهندو هو، جنهن کان 2 مهينا اڳ عليحدگي اختيار ڪري ميهڙ کان ڄامشورو رهائش اختيار ڪئي آهي پر ان باوجود بابا ۽ سندس ساٿي اسان جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي.

ناري مومنان مطابق بابا لقمان ٻرڙو منهنجو رشتو پڦاٽ سليمان ٻرڙو سان ڪيو هو، هاڻي ٻئي هنڌ 6 لک ۾ وڪرو ڪرڻ چاهي ٿو، بابا کي ان عمل کان روڪڻ تي منهنجي ڀاءَ حبيب الله ٻرڙو تي حملو ڪري کيس زخمي ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن ناري جي امڙ مسمات حليمان ٻرڙو جو چوڻ هو ته مڙس لقمان موالي قسم جو ماڻهو آهي، جنهن اسان جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي، جنهن ڪري ميهڙ واري گهر مان ساڻس ساٿ ڇڏي هتي ڄامشورو ۾ رهائش اختيار ڪئي پر هو هتي پهچي اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، منهنجي ڌيءَ کي 6 لک ۾ وڪرو ڪرڻ چاهي ٿو، روڪڻ تي هن پنهنجي ڀاءُ اصغر علي، پٽ عزيز ۽ عاشق کوسي سميت 8 ڄڻن کي ساڻ ڪري منهنجي پٽ حبيب الله مٿان حملو ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو آهي، اهڙو اطلاع اسان ڄامشورو ٿاڻي تي پڻ ڏنو آهي.

اسان ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪريون ٿا ته معاملي جو نوٽيس وٺي موالي مڙس لقمان ٻرڙو خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.