لمس اسپتال انتظاميا کي ڪورونا صورتحال سبب سماجي تنظيم پاران صفائي سٿرائي جو سامان مهيا ڪيو ويو

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) ڪورونا  صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت سان گڏ سماجي تنظيمون به تحرڪ ۾ اچي، سماجي تنظيم پاران لمس اسپتال ۾ ڪورونا  صورتحال ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائڻ لاء سماجي تنظيم پاران صفائي سٿرائي جو سامان اسپتال انتظاميه کي ڏنو ويو، سامان ۾ ڊسٽ بنز، وائپر، ٻهارا، پوچا، صابڻ، صرف، ھينڊ سينيٽائيزر ۽ ٻيو سامان ڏنو ويو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي سماجي اڳواڻ عبدالرزاق عمراڻي چيو ته ڪورونا  صورتحال ۾ حڪومت سان گڏ سماجي ماڻهن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسان سنڌ جي 40 وڏين اسپتالن کي ڪورونا  صورتحال ۾ سامان ڏيڻ جو پروجيڪٽ شروع ڪيو آهي، هن وقت اسان ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو ۽ ٻين ضلعن ۾ پيڊل ھينڊ واش سسٽم سان گڏ صفائي ڪرڻ جو سامان اسپتالن کي ڏنو آهي جيئن ڪورونا  جي روڪ ٿام ۾ مدد ملي سگهي.

لمس اسپتال ڄامشورو جي اي ايم ايس مظهر چن چيو ته اسان اسپتال ۾ بهتر سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ سرگرم آهيون ۽ سماجي تنظيم جي مدد جا پڻ شڪرگذار آهيون.