لاهور ۽ اوڪاڙه ۾ روڊ حادثن سبب نو ڄڻا فوت

news

لاهور: (آچر 26 جولاءِ 2020ع) لاهور ۽ اوڪاڙه ۾ ٻن مختلف روڊ حادثن سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 9 ڄڻا فوت ٿي ويا. اوڪاڙه ۾ ٽرڪ جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ريسڪيو اختيارين موجب حادثو موضع ٽين ون اي ايل جي ويجهو پيش آيو. پوليس  موجب فوت ٿي ويلن ۾ مرد، عورت ۽ 3 ٻار شامل آهن.

ٻئي طرف لاهور جي علائقي سندر ۾ ٽرالر جي موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ريسڪيو اختيارين موجب فوت ٿي ويلن ۾ زال مڙس ۽ 2 ٻار شامل آهن جڏهن ته فوت ٿي ويلن جو تعلق ضلعي شيخوپوره سان آهي.