آءِ جي ڪي پي ڪي ثناءُالله عباسي مٿان حملي جي منصوبه بندي، سيڪيورٽي سخت

news

پشاور: (آچر 26 جولاءِ 2020ع) آءِ جي خيبرپختونخواهه ثناءُالله عباسي تي حملي جي منصوبه بندي جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.

ملندڙ رپورٽن موجب دهشتگردي  جي انت واري کاتي(سي ٽي ڊي) جي اسپيشل انفارميشن رپورٽ آءِ جي ڪي پي ڪي ڏانهن موڪلي وئي آهي. جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم جماعت الاحرار جي دهشتگرد ن آءِ جي خيبرپختونخواهه تي ان جي آفيس ۾ حملي جي منصوبه بندي ڪري رهيا آهن.

آءِ جي خيبرپختونخواهه تي حملي جي منصوبه بندي جي رپورٽ سامهون اچڻ کان پوءِ ان جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. سي ٽي ڊي طرفان هي وارننگ 23 جولاءِ تي جاري ڪئي وئي هئي.