پنجاب ۾ عيد کان ٽي ڏينهن اڳ بازار بند ڪرڻ جو فيصلو

news

لاهور: (آچر 26 جولاءِ 2020ع) ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت عيد کان 3 ڏينهن اڳ سموريون بازارون بند ڪيون وينديون.

وزيراعليٰ جي سيڪريٽريٽ موجب ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ عيد کان اڳ اسمارٽ لاڪ ڊائون مجبوري آهي ان ڪري عيد کان 3 ڏينهن اڳ بازارون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو اهي ڇو ته عيدالفطر کان اڳ مارڪيٽون بند نه ڪرڻ سبب ڪورونا ۾ واڌ ٿي هئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت کي مارڪيٽن کان وڌيڪ عوام جي زندگي ۽ صحت عزيز آهي. پر  اسمارٽ لاڪ ڊائون جي دوران مال پڙيون، يوٽيلٽي اسٽور، کير، ڏهي، تندور ۽ ميڊيڪل اسٽور کليل رهندا. ذريعن ٻڌايو آهي ته مال پڙين ۾ ايس او پيز ۽ سيڪيورٽي جا انتظام وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب اسمارٽ لاڪ ۡڊائون جو نوٽيفڪيشن تيار آهي جيڪو ڪنهن به وقت جاري ٿي سگهي ٿو. واضح رهي ته پنجاب ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 91901 آهي جڏهن ته فوتين جو انگ 2 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.