هاڻ هن فقير جو وارو آهي

news

ڪير به نٿو ڄاڻي ته مرڻ کانپوءِ انسان ڇا ٿيندو آهي، انسان بيوس آهي، پنهنجي بيوسي لڪائڻ لاءِ هو ٻڌل ڳالهين تي يقين ڪري ويهندو آهي، اسان جهڙن مجذوب ماڻهن لاءِ ٻڌل ڳالهين تي يقين ڪرڻ مشڪل هوندو آهي، ڏاڍا خوشنصيب هوندا آهن اهي ماڻهو جيڪي ٻڌل ڳالهين تي يقين ڪري زندگي گذاريندا آهن، منزل جو تعين ڪرڻ کانسواءِ جبري طور سفر تي روانو ٿيڻ تلڪيف ڏيندڙ هوندو آهي، ڪو به ماڻهو پنهنجي مرضي سان اهڙي سفر تي روانو ٿيڻ ناهي چاهيندو جتان واپس موٽڻ امڪان کان ٻاهر هوندو آهي پر اسان جي چاهڻ ۽ نه چاهڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟ هڪ ڏينهن اسان سڀني کي روح فنا ڪندڙ پراسرار سفر تي وڃڻو آهي، پراسرار سفر تي وڃڻ جي دهشت اسان تڏهن محسوس ڪندا آهيون جڏهن وقت اچڻ تي اسان پاڻ پراسرار سفر تي وڃي رهيا هوندا آهيون، ان وقت جي اچڻ کان پهريان اسان پراسرار سفر جي دهشت محسوس ناهيون ڪندا، اسان پنهنجن پيارن کي آخري سفر تي روانو ٿيندي ڏسندا آهيون، غم کان چور ٿي ويندا آهيون، روئندا آهيون ان سان گذاريل هڪ هڪ پل کي ياد ڪري تڙپي پئون ٿا پر ان دوران هڪ پل لاءِ اسان کي اهو خيال نٿو اچي ته ڪنهن ڏينهن اسان پاڻ جدائي جي دردناڪ وقت مان گذري پراسرار سفر تي روانا ٿينداسين، اهو خيال ايتريقدر ڀيانڪ آهي جو جيڪڏهن پوري يقين سان اچي وڃي ته شايد اسان برداشت نه ڪري سگهون.

الله سائين جي ڪائنات ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جيڪي آخري سفر جي الوداعي لمحي کي شدت سان محسوس ڪرڻ بعد بنواس ۾ ويندا آهن، اڪيلائين ۾ گم ٿي ويندا آهن، دنيا کي ڇڏي تياڳِي بڻجي ويندا آهن پر اسان عام ماڻهو اهڙي ڪيفيت مان نٿا گذرون، پراسرار سفر تي ويندڙن کان وڇڙڻ جو ڏک اسان کي گهايل ڪري ڇڏي ٿو، تڏهن اسان سڀ زباني ڪلامي چئي ته ڇڏيندا آهيون موت برحق آهي، هڪ نه هڪ ڏينهن اسان سڀني کي هن دنيا مان وڃڻو آهي پر چيل ڳالهه الوداعي وقت کي شدت سان محسوس ٿيڻ نٿي ڏئي، موت ۽ مرڻ واري موضوع تي ٿيندڙ جاچ ۾ هڪ انڪشاف اهو به ٿيو آهي ته اسان سڀني جي شعور ۾ هڪ دفاعي عنصر ڪم ڪندو رهندو آهي، دفاعي عنصر اسان کي يقين ڏياريندو رهندو آهي ته آئون مري نٿو سگهان، آئون مري نٿو سگهان، موت ۽ مرڻ جون ڳالهيون ڪرڻ سان دفاعي عنصر اسان کي يقين ڏياريندو رهندو آهي، اهوئي سبب آهي جو پنهنجن پيارن کي پراسرار سفر تي روانو ٿيڻ کان اڳ تڪليف ڏيندڙ وقت مان گذرندو ڏسي اسان کي ڪڏهن به اهو خيال نٿو اچي اسان کي به اهڙي تڪليف ڏيندڙ وقت مان گذري آخري سفر تي وڃڻو آهي.

مٿي ڏنل پيرا هيٺ ڏنل پيرا جي شروعات آهي، گذريل هفتي خالد وزير گذاري ويو، اسان هڪ جيڏا هئاسين، ڪمال جو دور هو اهو، خالد وزير ۽ والس ڪراچي جي ميٿياس سينٽ پيٽرس اسڪول لاءِ کيڏندا هئا، حنيف محمد ۽ محمد مناف ڪراچي جي سنڌ مدرسي اسڪول جي لاءِ کيڏندا هئا، هي فقير ۽ عبدالرحيم قاضي اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي لاءِ کيڏندا هئاسين، عبدالرحيم قاضي اڳتي هلي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيو، سمورا هڪ هڪ ٿي ويا هليا، خالد وزير، والس ميٿياس، حنيف محمد، محمد مناف ۽ عبدالرحيم قاضي، پوئتي رهجي ويو آهي هي توهان جو فقير، هاڻي منهنجو وارو آهي، ايئن لڳي ٿو. 

 

 

(امر جليل)