مسوڀرڳڙي: لائبريرين جي قيام کان سواءِ سماج اڳتي نٿو وڌي سگهي:پروفيسر زوار نقوي

news

مسوڀرڳڙي(رپوٽ:پانچورام) مسوڀرڳڙي لڳ شھيد هوش محمد لائبريري واڻڪي وسي سماج ۾ لائبريرين جو ڪردار جي عنوان هيٺ ھڪ تقريب ٿي گذري، جنهن جو مهمان خاص ناليوارو اديب پروفيسر زوار شاھ نقوي هو. 

سيد زوار شاھ نقوي ان موقعي تي چيو ته لائبريرين جي قيام کان سواءِ اسان جو سماج اڳتي نه وڌي سگهندو، لائبريريون اونداهي کي ختم ڪري هر طرف فڪري روشني ڦھلائينديون آھن.

 هن چيو ته سنڌ ۾ لائبريرين جي لاءِ هلندڙ مهم اتساهه واري آھي جنهن کي اڃا تيز ڪرڻ جي ضرورت آھي.

 هن چيو ته ترقي پسند قوتن جو ڪردار هن حوالي سان هاڻ نمايان آھي، هن نوجوانن کي اپيل ڪئي ته سموري دنيا جي شاهڪار ادب پڙھڻ کان سواءِ اسان جو اڳتي وڌڻ ممڪن ناهي خاص طرح سائنس جي سمجهه کان سواءِ. 

سيد زوار شاھ نقوي هن موقعي تي لائبريري کي هڪ سئو ڪتاب حوالي ڪيا ۽ شاعر جاويد سوز هالائي ان موقعي تي لائبريري کي فرنيچر ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

 ڪامريڊ نثارلغاري سڀني دوستن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ادب ۽ لائبريريون سماج جو روح آھن، روح کان سواءِ وجود ڪنهن ڪم جو ناهي.

ان موقعي تي سائين غلام علي لغاري لائبريري جي ڪردار کي تمام گهڻو ساراهيو، 

ڪامريڊ بشير لغاي لائبريري جي ٽيم طرفان ڪيل جدوجهد بابت آگاهه ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته واڻڪي وسي کي فوري طور هڪ لائبريري ڏني وڃي .

هن پروگرام ۾ سائين عابد لغاري، باغ علي لغاري، عاشق ترڪ ،غلام  مصطفي بروهي، پيربخش نوناري، ڪنيا لال، پانچو رام، گلزار علي لغاري، منظور لغاري، اياز لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي .