ڪورونا وائرس: دنيا ۾ متاثر مريضن جو انگ هڪ ڪروڙ ٻاهٺ لک کان وڌي ويو

news

نيويارڪ: (آچر 26 جولاءِ 2020ع) عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ 6 لک 48 هزار 445 فوتگيون ٿي چڪيون آهن ۽ هڪ ڪروڙ 62 لک 2 هزار 365 ماڻهو متاثر ٿيا آهن جڏهن ته 99 لک 13 هزار 232 مريض صحتياب ٿيا آهن.

آمريڪا ۾ ڪورونا سبب متاثر ماڻهن جو انگ 43 لک 15 هزار 709 ٿي ويو آهي ۽ فوتين جو گڏيل انگ هڪ لک 49 هزار 398 تائين پهچي ويو آهي. برازيل ۾ 23 لک 96 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا سبب متاثر آهن ۽ 86 هزار 796 فوتگيون ٿيون آهن.

ڀارت ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ ٽيون وڏو ملڪ آهي جتي مريضن جو انگ 13 لک 85 هزار کان وڌيڪ آهي ۽ 32 هزار 96 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن. روس ۾ ڪورونا سبب 8 لک 6 هزار 720  مريض متاثر آهن ۽ فوتين جو گڏيل انگ 13 هزار 192 ٿي ويو آهي.

ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 6 هزار 6 سئو کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 4 لک 34 هزار 200 ماڻهو متاتر ٿي چڪا آهن.

پيرو ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 18 هزار 30 ٿي ويو آهي. جڏهن ته گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک  79  هزار کان مٿي آهي.

ميڪسيڪو ۾ 3 لک 85 هزار 36 ڄڻن ۾ ڪورونا  وائرس جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي ۽ 43 هزار 374 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن.

ڪورونا  وائرس سبب چلي ۾ 3 لک 42 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر آهن ۽ 9 هزار 20 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن.

اسپين ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 28 هزار 432 ٿي ويو آهي جڏهن ته گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک 19 هزار کان وڌيڪ آهي.

برطانيه ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 45 هزار  738 ٿي ويو آهي جڏهن ته 2 لک 98 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيا آهن.