ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي جي زمينن تي قبضن ۽ مافيا خلاف ملازم ۽ آفيسر سراپا احتجاج، ريلي

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) سنڌ يونيورسٽي جي زمينن تي قبضن خلاف ۽ قبضا مافيا خلاف ڪارروائي لاءِ سنڌ يونيورسٽي جا ملازم ۽ آفيسر سراپا احتجاج، ريلي، سخت نعريبازي.

تفصيل موجب سنڌ يونيورسٽي جي زمينن تي قبضن خلاف ۽ قبضا مافيا مٿان ڪارروائي لاءِ سيوا جي صدر محمد علي گھانگرو ۽ اسٽيٽ آفيسر رفيق بروھي جي اڳواڻي ۾ ڪيترن ئي ملازمن ريلي ڪڍي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جي زمينن تي لينڊ مافيا پاران قبضن جو سلسلو جاري آھي، جيڪو ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. ھنن چيو ته يونيورسٽي جي زمينن تي قبضن بابت اسان ڊي سي، ڪمشنر، سنڌ حڪومت ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي لکت ۾ درخواستون ڪيون آھن. ھنن چيو ته لينڊ مافيا جا ماڻھو ايترا ته بااثر آھن جو ھو اسان جي سيڪيورٽي عملي کي يرغمال بڻائي تشدد ڪندا آھن جن جي خلاف اسان پوليس ۾ دانھن کڻي وڃون ٿا ته انھن کي ڪير به  چوڻ وارو ناھي.

ھنن مطالبو ڪيو ته قبضا مافيا خلاف ڪارروائي ڪري يونيورسٽي جي زمينن تان قبضا خورن جا قبضا فوري طور تي  ھٽايا وڃن، ٻي صورت ۾ اسان سنڌ يونيورسٽي جا ملازم، آفيسر ۽ استاد گڏيل تحريڪ ھلائينداسين.