گلشن حديد ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ڏھن ورهين جو ٻارڙو فوت

news

ملير (رپورٽ: دريا خان شر) ملير جي علائقي گلشن حديد فيز 2 ۾ 10 ورهين جو نينگر بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، ارباب ولد محمد عمر 10 سال جنھن مٿان بجلي جي تار ڪري پئي، جنهن سبب هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

نينگر جي فوت ٿيڻ بعد گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، سندس ماءُ دانهون ڪندي بيهوش ٿي وئي ۽ ماحول سوڳوار ٿي ويو.