ملير ۾ تيز ھوا سان برسات، علائقا پاڻي هيٺ، بجلي غائب، رهواسي پريشان

news

ملير (رپورٽ: دريا خان شر) ملير ۾ شديد گرمي ۽ ٻوسٽ کانپوءِ تيز ھوائن کنوڻن توڙي گجگوڙن سان ملير، سھراب ڳوٺ قائد آباد، ڀينس ڪالوني، ايئرپورٽ، گلشن حديد، گھگھر ڦاٽڪ ۽ پپري سميت آسپاس جي علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رھيو.

سھراب ڳوٺ ڀرسان ايشيا جي سڀ کان وڏي مال پڙي ۾ تيز برسات سبب لڳل تنبو ڊھي پيا، مال پڙي اندر پاڻي بيھجي ويو، انتظاميہ واپارين کي برسات کان بچاء لاءِ ڪي به انتظام نه ڪري سگھي، تيز برسات سبب مالوند توڙي جانور کلي آسمان ھيٺ برسات ۾ ڀڄندا رھيا، واپاري انتظاميا خلاف مال پڙي اندر ڪي به سھولتون نه ڏيڻ جون دانھون ڪندا رھيا، مال پڙي انتظاميا پاڪستان جي چئني صوبن کان مال کڻي ايندڙ واپارين لاءِ ڪنھن بہ قسم جي ايمرجنسي لاءِ اپاءُ نہ ورتا.

برسات سبب ضلعي ملير جا ڪيترائي علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا، گٽر لائنون ڀرجي وڃڻ ڪري مين رستن، گهٽين ۾ گندي پاڻي جا تلاءَ لڳي ويا. برسات کانپوء ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا پنھنجي روايتن کي برقرار رکندي بجلي بند ڪري ڇڏي، تيز ھوائن ۽ برسات سبب ھوٽلن، دڪانن ۽ گھرن جا ڇاپرا ڪري پيا، ملير واسين وزير بلديات سيد ناصر شاهه، ڊپٽي ڪمشنر اوڀر کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي.