ايل اي ڊي ٽيڪنالاجي وارو جديد فيس ماسڪ متعارف

news

لنڊن(سومر 27 جولاءِ 2020ع) عالمي وبا ڪورونا وائرس اسان سڀني جي زندگي کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ اسان سڀني سماجي وٿي ۽ احتياطي تدبيرن کي زندگي جو لازمي حصو بنائي ورتو آهي.

ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ ماهرن طرفان ماڻهن کي ماسڪ لڳائڻ جي هدايت ڏني پئي وڃي ۽ هي ماسڪ انسانن جي لاءِ هڪ رنڊڪ به سمجهيو پيو وڃي ماسڪ سبب اسان هڪ ٻئي جي شڪل به صحيح طريقي سان نٿا ڏسي سگهون جڏهن ته اسان کي اها به خبر ناهي هوندي ته ڪير ڪهڙي وقت کلي رهيو آهي. ان سمورن مسئلن کي نظر ۾ رکندي ڪيترين ئي ڪمپنين طرفان ماسڪ ۾ نواڻ آندي پئي وڃي ۽ تازو ئي فيشن ڊيزائنر چيلسيا گلوڪاس ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي هڪ جديد ماسڪ تيار ڪيو اهي.

فيشن ڊيزائنر ٽيڪنالاجي جو اسعمال ڪندي خاص ڪپڙن، هوڊي ۽ ٻين ڪاسٽيومز ٺاهيون آهن پر ڪوونا وبا سبب ان جو ڪاروبار به متاثر ٿيو آهي جنهن کان پوءِ هن ماسڪ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن ايل اي ڊي جي مدد سان ٻن تهن  وارو هڪ خاص ماسڪ تيار ڪيو آهي. فيشن ڊيزائنر ٽيڪنالاجي جو استمال ڪندي خاص ڪپڙي، هوڊي ۽ ٻين ڪاسٽيومز سان ٺاهي آهي. پر ڪورونا وبا سبب ان جو ڪاروبار به متاثر ٿيو آهي جنهن کان پوءِ هن ماسڪ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو.

هن ايل اي ڊي جي مدد سان ٻن تهن وارو هڪ خاص ماسڪ تيار ڪيو آهي جنهن کي صاف ڪرڻ سان گڏوگڏ چارج به ڪري سگهجي ٿو. هن ايل اي ڊي فيس ماسڪ جي قيمت 95 ڊالر آهي جنهن جي خاص ڳالهه اها آهي ته اوهان هن تي پنهنجي مرضي موجب پيغام لکي سگهو ٿا.  جيڪو ايل اي ڊي سبب ماسڪ تي چمڪندو آهي. هن ماسڪ کي ايپ سان ڪنيڪٽ ڪيو ويندو آهي جنهن کان پوءِ اوهان ان تي پنهنجي مرضي جو پيغام يا ڪوبه خاڪو ٺاهي سگهو ٿا.

جڏهن ته ماسڪ جو فيبرڪ اهڙو آهي جنهن کي لڳائڻ کان پوءِ اوهان آساني سان ساهه به کڻي سگهو ٿا. ماسڪ تي سماجي وٿي بابت پيغام به لکي سگهو ٿا. جيئن 6 فٽ پري رهو. وغيره چو ته عام ماسڪ پائي ڳالهه ٻولهه ۽ ساهه کڻڻ ۾ پريشاني ٿيندي آهي.