بدين ۾ برسات بعد روڊ تي پاڻي تلاءُ جي شڪل اختيار ڪري ويو، شهري پريشان،پاڻي نيڪال جو مطالبو

news

بدين(رپورٽ:تنوير احمد آرائين) بدين ۾ گذريل رات پيل برسات بعد شاهه جي مصروف علائقي شاه برهان روڊ  تي پاڻي تلاءُ جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي، ان روڊ تي موجود پاڙن پنهور پاڙي ڳوٺ عرس نائيڪ انصاري پاڙي ڀانڊاپور، حاجي صالح سومرو پاڙو، ڳوٺ حاجي فقير محمد سومرو، ڳوٺ الهڏنو سومرو، ولي محمد شاهاڻي، سانگهاڻي پاڙو، پريم نگر پاڙو، بابا آٽا چڪي وارن علائقن جا هزارين رهواسي سخت پريشان آهن.

 ان سلسلي ۾ رهواسين سيد انور شاهه، گلزار ميمڻ، زهڪ پنهور، محمد سومرو، پيرون چانگ، حيدر سومرو، شعيب خاصخيلي ۽ ٻين الزام هنيو آهي ته ان روڊ تي جمالي هائوس لڳ هڪ ٽريڪٽر ٽرالي واري احمد ملاح روڊ تي ٽريڪٽر ٽراليون بيهاري روڊ جو هڪ پاسو بند ڪري ڇڏيو آهي جڏهن برسات بعد روڊ جي ٻنهي پاسن موجود دڪاندار جيڪي روڊ جي حد ۾ ويٺل آهن ڀرپاسي جون ناليون بند ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته انهن دڪاندارن روڊ جي ڪنارن تي ڍينگهر، پٿر ۽ سرون ڏيئي پيادل ايندڙ ويندڙن جو به گس بند ڪري ڇڏيو آهي.

 هنن مطالبو ڪيو آهي ته شاهه برهان روڊ تي بيٺل برسات جو گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي جڏهن ته روڊ تي رڪاوٽون وجهي بلاڪ ڪندڙ خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.