مانچسٽر ٽيسٽ کٽڻ جي لاءِ انگلينڊ کي اٺ وڪيٽن جي ضرورت

news

لنڊن: (سومر 27 جولاءِ 2020ع)  مانچسٽر ٽيسٽ فيصلي واري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو. کٽڻ جي لاءِ انگلينڊ کي 8 وڪيٽن جي ضرورت جڏهن ته ويسٽ انڊيز کي ميچ کٽڻ لاءِ 389 رنسن جي ضرورت آهي.

سيريز جي ٽئين ۽ فيصلو ڪندڙ ٽيسٽ ۾ مهمان ويسٽ انڊيز هڪ سئو 37 رنسون 6 رانديگرن جي آئوٽ تي پنهنجي پهرين نامڪمل اننگز شروع ڪئي. سڄي ٽيم هڪ سئو ستانوي رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

انگلينڊ 226 رنسون 2 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي پنهنجي ٻئي اننگ ڊيڪلئر ڪري  ڏني ۽ 399 رنسن جي حدف جو پهاڙ بيهاري ڇڏيو جواب ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم دٻاءُ جو شڪار نظر آئي.

10 رنسن تي سندس 2 وڪيٽون ڪري پيون. واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي شروعات پنجين آگسٽ کان ٿيندي جنهن جي لاءِ پاڪستاني رانديگر انگلينڊ جي شهر ڊربي شائر ۾ پريڪٽس ميچن ۾ مصروف آهن.