ميلن وارين تقريبن تي لڳل پابندي خلاف ڄامشورو ميلا ڪميٽي پاران احتجاج

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) گذريل ڪيترن ئي مهينن کان لاڪ ڊائون هجڻ سبب تقريبون ۽ درگاهن تي لڳندڙ ميلن تي پابندي هجڻ سبب ميلن ۾ مٺائي کپائي ۽ ملھ وڙهي پيٽ گذر ڪندڙ ملھ پهلوان ۽ مٺائي کپائيندڙ سخت پريشان آهن ۽ فاقاڪشي ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

انهيءَ حوالي سان ڄامشورو ميلا ڪاميٽي جي چيئرمين وزير علي عمراڻي، ملھ ايسوسيئيشن جي ضلعي ڄامشوري جي صدر سڪندر چانڊيو، غلام قادر آمڙو صحافين سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندي چيو آهي ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ميلن تي پابندي آهي، جنھن سبب ميلن ۾ مٺائي کپائي پيٽ گذر ڪندڙ ۽ ملھ وڙهي گھر جو گاڏو هلائيندڙ ملھ پهلوان پريشان آهن، حڪومت مال جي پڙين تان پابندي ختم ڪئي آهي سنڌ اندر ڪيترائي ڪاروبار ايس او پيز تحت هلي رهيا آهن پر هن وقت تائين درگاهون کولي ميلن ۽ ٻين تقريبن جي اجازت نه ڏني وئي آهي جنھن سبب عيدون به بک ۽ بدحاليءَ ۾ گذاري رهيا آهيون، درگاهون سان لاڳاپيل ڪيترائي ماڻهون بيروزگار ٿي ويا آهن.

هنن سنڌ حڪومت، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وسوارن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته جلد ئي ايس او پيز تحت سنڌ اندر قائم درگاهن کي کولي ميلن ملاکڙن تان پابندي ختم ڪئي وڃي، جيئن پکڙيل بيچيني ختم ٿئي ۽ ٻچن جو پيٽ پالي سگهون.