ڪڪڙ ۾ پيرسن ڳوٺاڻي پاران بااثرن جو زمين تي مبينا قبضي ۽ پوليس جي ناجائزين خلاف احتجاج

news

ڪڪڙ: ڪڪڙ جي ڳوٺ بچل آرائين واسي پيرسن ولي محمد آرائين پريس ڪلب پهچي بااثرن پاران زمين تي مبينا قبضي ڪرڻ ۽ ڪڪڙ پوليس تي ڌر هجڻ تي سخت احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته ديهه عيسو ناريجو ۽ ديهه ريتي ۾ منهنجي 62 جريب زمين جيڪا 8 بلاڪ کان کرڙي ديه تائين 32 بلاڪ اي 35 تائين منهنجي ابي امان جي نالي تي زمين آھي جنهن جي اسان ڪمداري غلام نبي بروهي ۽ سنڀالو مرحوم جان محمد بروهي کي ڏنو پر بااثر اسان جي زمين تي قبضو ڪري ويهي رهيا ۽ اسان تي ڪوڙا ڌاڙن ۽ اغوا جا ڪيس داخل ڪري اسان کي بيگناهه ڦاسائي جيلن ۾ لوڙايو.

آئون پيرسن گذريل 10 سالن کان احتجاج ڪندو ٿو اچان پر ڪوبه کڙتيل نه ٿو نڪري، اسين دربدر واري زندگي گذاريون پيا. آئون ايس ايس پي دادو ۽ ٻين کان مطالبو ٿو ڪيان ٿو ته خدارا مون پيرسن جي احتجاج جو نوٽيس وٺي بااثرن تي ڪيس داخل ڪري زمين جو قبضو ڇڏرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي.