شهدادپور لڳ ڏهن سالن جي نينگر سان مبينا ڏاڍائي، جوابدار سوگهو، پوليس حوالي

news

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شهدادپور لڳ جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪندڙ 10 سالن جي نينگر کي وحشي جوابدار پاران مبينا ڏاڍائي جو نشانو بڻائي فرار ٿيڻ لڳو تہ نينگر جي رڙين تي  ڳوٺاڻن جوابدار کي پڪڙي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو پوليس نينگر کي ميڊيڪل چڪاس لاء ليٽر ڏئي اسپتال روانو ڪري ڇڏيو.

شهدادپور ويجهو ڳوٺ بهادر ڪلوئي  لڳ جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ ويل 10 سالن جو نينگر علي گوهر ولد خان محمد سولنگي کي  ڳوٺ  مهر علي ٽالپر جي رهواسي جوابدار دوست علي پٽ محمد آچر خاصخيلي پاران مبينا زبردستي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ۽ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي تہ معصوم نينگر جي رڙين تي ڳوٺاڻن کيس پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس جوابدار کي ڦيھ ڪڍي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو ۽ نينگر کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي چڪاس لاءِ سمس اسپتال موڪلي ڇڏيو.