چلاس ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، جوابدارن جي فائرنگ سبب ٻن شهرين سميت ست اهلڪار شهيد

news

پشاور: (اڱارو 28 جولاءِ 2020ع) چلاس ۾ سي ٽي ڊي گلگت جي ڪارروائي دوران جوابدارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 شهرين سميت 7 اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا.

رپورٽ موجب چلاس جي علائقي رونتي محلا ۾ رات دير سان سي ٽي ڊي پوليس گلگت گهربل جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڳجهي اطلاع تي هڪ گهر تي ڇاپو هنيو جنهن تي اتي موجود جوابدارن فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ سي ٽي ڊي گلگت جا 5 اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب جوابدارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 شهري به قتل ٿي ويا. جڏهن ته زخمي اهلڪارن  کي ريسڪيو 1122 آر ايڇ ڪيو اسپتال چلاس منتقل ڪري ڇڏيو آهي. شهيد اهلڪارن ۾ انسپيڪٽر سهراب، سپاهي جنيد علي، سپاهي شڪيل، سپاهي اشتياق، سپاهي غلام مرتضيٰ شامل آهن.

ايس پي ديا مر شير خان شهيد اهلڪارن ۾ سي ٽي ڊي جو انسپيڪٽر به شامل آهي. جڏهن ته رات دير کان ڪارروائي جي جاچ جاري آهي. ٻئي طرف  گلگت بلتستان جي نگران وڏي وزير مير افضل خان آءِ جي کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته پوليس تي حملو افسوسناڪ آهي چلاس واقعي ۾ شهيد پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا.

خبر پئي آهي ته دهشتگرد ڳري اسلحي جو ناجائز ڪاروبار ۽ ان کي دهشٽگردي جي لاءِ استعمال ڪندا هئا. جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين.