نوابشاهه: گهرو اڻبڻت تان ساڙيل ناري جو وومين ٿاڻي تي مڙس ۽ سندس والدين تي ڪيس داخل

news

نوابشاهه:رپورٽ:فدا چانڊيو) نواب شاھ جي علائقي رفيق ٽائون ۾ ھڪ ھفتو اڳ گھرو ڳالھ تان ناراض ٿي مڙس شھزاد يوسفزئي پنھنجي زال مسمات ثمينه يوسفزئي مٿان تيزاب ھاري 2 ڏينھن ڪمري ۾ بند رکيو.

اهڙو اطلاع ملڻ تي ناري ثمينه جي مائٽن پھچي ناري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پيپلز ميڊيڪل اسپتال نواب شاھ پھچايو جتي برنز وارڊ نه ھئڻ ڪري ثمينه کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو اڄ  اطلاع بعد ايئرپورٽ  پوليس شھزاد  يوسفزئي جي گھر تي ڇاپو ھڻي ناري جي مڙس شھزاد، سندس والد غلام محمد يوسفزئي ۽ ماءُ مسمات رخسانه کي گرفتار ڪري ورتو آھي جڏھن ته واقعي جو ڪيس وومين ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.