ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ پنجاب حڪومت جو اهم قدم، پنجين آگسٽ تائين سموريون مارڪيٽون بند

news

لاهور: (اڱارو 28 جولاءِ 2020ع) پنجاب حڪومت  ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ جي لاءِ 5 آگسٽ تائين مارڪيٽون ۽ شاپنگ  مالز بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. 

حڪومتي  حڪمن موجب رات جو 12 وڳي سڄي پنجاب ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي جڏهن ته مارڪيٽون به 9 ڏينهن جي لاءِ بند ڪيون ويون آهن. گذريل ڏينهن پنجاب حڪومت ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 9 ڏينهن جي لاءِ مارڪيٽون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. پنجاب جي قانون واري وزير جي صدارت هيٺ ڪورونا کان بچاءُ بابت سب ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ عيد تي اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته  سڄي پنجاب ۾ عيد تي غير ضروري مارڪيٽن کي بند ڪيو ويندو. ڪورونا جي پکيڙ  کي روڪڻ جي لاءِ 9 ڏينهن تائين مارڪيٽون بند  رهنديون.  وفاقي وزير فياض الحسن چوهان ٻڌايو ته لاهور ۾ سخت لاڪ ڊائون ڪيو ويندو ۽  قرباني واري عيد تي ايس او پيز تي عمل يقيني بنايو ويندو. پنجاب جي پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر کاتي موجب صوبي ۾ ڪورونا جا 172 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ گڏيل انگ 92  هزار 73 ٿي وئي آهي.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار چيو آهي ته حڪومت جي بهتر قدمن سبب ڪورونا  جي ڪيسن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. اسان کي عيدالاضحيٰ تي به ايس او پيز تي عمل کي يقيني بنائڻو پوندو. ان حوالي سان قانون واري صوبائي وزير راجه بشارت جو چوڻ آهي ته اسان ڪورونا کي شڪست ڏيڻ جي ويجهو آهيون. لاڪ ڊائون جو مقصد اهو اهي ته ٻيهر لاپرواهي سان ڪيسن جو انگ نه وڌي وڃي لاڪ ڊائون دوران ميڊيڪل اسٽور، گروسري اسٽور، ٽرانسپورٽ ۽ آفيسون کليل رهنديون.

اجلاس ۾ مال پڙين ۾ ايس او پيز تي مڪمل  عمل نه ڪرائڻ تي پنجاب جي قانون واري وزير ڪاوڙ جو اطهار ڪيو. راجه بشارت چيو ته عيد کان پوءِ اين سي او سي جي اجلاس ۾ هوٽلون کولڻ جي سفارش ڪئي ويندي.