ڪورونا وائرس: دنيا ۾ متاثر ماڻهن جو انگ هڪ ڪروڙ ڇاهٺ لک کان وڌي ويو

news

نيويارڪ: (اڱارو 28 جولاءِ 2020ع) عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ 6 لک 56 هزار 550 فوتگيون ٿي چڪيون آهن ۽ هڪ ڪروڙ 66 لک 44 هزار 67 ماڻهو متاثر ٿيا آهن جڏهن ته هڪ ڪروڙ 2 لک 32 هزار 50 مريض صحتياب ٿي ويا آهن.

آمريڪا ۾ ڪورونا سبب متاثر ماڻهن جو انگ 44 لک 33 هزار 410 ٿي ويو آهي ۽ فوتين جو گڏيل انگ هڪ لک 50 هزار 444 تائين پهچي ويو آهي. برازيل ۾ 24 لک 43 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا سبب متاثر ٿيا آهن ۽ 87 هزار 679  فوتگيون ٿيون آهن. ڀارت ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ ٽيون وڏو ملڪ آهي جتي مريضن جو انگ 14 لک 82 هزار کان وڌيڪ آهي ۽ 33 هزار 488 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن.

روس ۾ ڪورونا سبب 8 لک 18 هزار 120 ماڻهو متاثر آهن ۽ فوتين جو گڏيل انگ 13 هزار 354 ٿي ويو آهي. ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 7 هزار 67 ٿي ويو آهي جڏهن ته 4 لک 52 هزار 128 ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. پيرو ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 18 هزار 418 ٿي ويو آهي. جڏهن ته گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک 89 هزار کان وڌيڪ آهي.

ميڪسيڪو ۾ 3 لک 95 هزار 489 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي چڪا آهي ۽ 44 هزار 22 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن. ڪورونا وائرس سبب چلي  3 لک 47 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر آهن ۽ 9 هزار 187 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن.

اسپين ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 28 هزار 434 ٿي وئي آهي. جڏهن ته گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک 25 هزار کان وڌيڪ آهي. برطانيه ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 45 هزار 759 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 3 لک 111 ماڻهو ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيا آهن.