منهنجي خواهش آهي ته بابر اعظم دنيا جو بهترين رانديگر بڻجي: يونس خان

news

لنڊن: (اڱارو 28 جولاءِ 2020ع) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ يونس خان چيو آهي ته انسٽرا اسڪواڊ ميچز ۾ ڪڏهن بالر ۽ ڪڏهن بيٽسمين ڇانيل رهيا.

بابر اعظم جي ڪلاس آهي، چاهيان ٿو ته هو دنيا جو بهترين رانديگر بڻجي.  پاڪستان ڪرڪيت ٽيم  جي بيٽنگ ڪوچ  يونس خان  پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته ڊربي ۾ سموريون سهوليتون مليل آهن دوستاڻو ۽ آزاد ماحول مليو آهي.

يونس خان چيو آهي ته اسان جو جارحانه انداز ۾ بحيثيت رانديگر هو پر هاڻ گهڻو سکي ورتو آهي. اڳوڻي ڪپتان چيو ته مان بالنگ ڪوچ وقار يونس کان جادو جي لٺ وٺڻ جي ڪوشش ڪندس ته جيئن  رانديگرن کي جلد سيکاريان.

هن چيو ته بابر اعظم سميت هر نوجوان رانديگر کي هڪ جهڙو ٽائم ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس. منهنجي ڪوشش آهي ته بابر اعظم پنهنجي ڪاميابي ۽ پرفارمنس ذريعي هڪ قدم وڌيڪ اڳيان نڪري.