دنيا تبديل پئي ٿئي، اسان تبديل ٿينداسين يا نه!

news

دنيا بدلجي رهي آهي، هن ڀيري ڪهڙي ڪايا پلٽ ٿئي ٿي؟ جيترا منهن ايتريون ڳالهيون، مسلم دنيا ۾ جيڪڏهن ”تبديلي“ ٿي به ته شاندار ماضيءَ ڏانهن، ڀلا عثمانيه سلطنت جي دور ۾ فتح ڪيل آيا صوفيه جي بازنطيني گرجا گهر جي هڪ عالمي عجائب گهر مان مسجد ۾ تبديلي کان بيت المقدس جي آزادي جو رستو ڪيئن هموار ٿيندو؟.

”تبديلي“ جي ڳالهه کلي آهي ته پاڪستان ۾ ”تبديلي راڄ“ جي هٿان ماضي جي آمراڻين روايتن جي بحالي، مافيائن، طاقتور ڪالونين جي تسلط سان گڏوگڏ آئي به ته هڪ اهڙو احتساب جنهن کي اعليٰ عدالت سياسي انجنيئرنگ جو بدنام ٿيل اوزار قرار ڏئي احتساب جي قابل احتساب ڪندڙن جا پول کولي ڇڏيا آهن پر دنيا تبديل ٿي رهي آهي ۽ اهڙيءَ طرح جو ماضيءَ وارو انسانيت سوز ۽ ماحولياتي تباهي جو عالمي نظام هلڻ کان قاصر جنهن کي ٻين عظيم جنگ کانپوءِ هلايو پئي ويو، راجر ڪوهن دي نيويارڪ ٽائمز ۾ لکندي آمريڪا ۽ فرانس جي سياسي نرگسيت تي چيو آهي ته آمريڪي قدر هجن يا فرانسيسي جمهوريت جو دعوائون هاڻ انهن ۾ دم ناهي رهيو جو اهي ارڙهين صدي جي نو آبادياتي، نسلي ۽ پدرشاهاڻين جي روايتن ۾ دٻجي ويون.

فرانس جو 1789ع انساني ۽ شهري حقن جو اعلان هجي يا آمريڪا جي آزادي جو اعلان، ان ۾ چيو ويو آهي ته انسان پيدائشي طور تي آزاد ۽ مساوي آهي ۽ کيس زندگي ۾ آزادي ۽ خوشين جو موقعو حاصل آهي ۽ اهڙي آزادي جيڪا ٻين کي نقصان نه پهچائي، توڙي جو بادشاهي ختم ٿي ۽ لبرل ڊيموڪريٽڪ جي تجربي جي شروعات ٿي پر اهو صرف گورن اميرن جي وچ ۾ مساوات ثابت ٿيو جيئن هاڻ چئلينج ڪيو پيو وڃي، مساوات جو سبق پڙهائيندڙ پاڻ خود انسانيت سوزي ۽ غلامن جي واپار ۾ ملوث نظر اچڻ لڳا ۽ اهڙن گناهن جي معافي به نه ورتي، جيفرسن وانگي غلاميءَ واري نظام جي حامين ۽ هٿياربندن جا مجسما ڪيرايا ويا.

منڊي جي منافعي خور معيشت جي شروعات ٿي، عالمي سرمائيدارن جي اڳواڻ آمريڪا جي ئي هٿان گلوبلائيزيشن، آزاد واپار، معيشت ۾ رياستي عمل دخل ۽ ماحوليات جي ڪاربن زده معيشت کان بچاءَ جي امڪانن کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وئي، منافعي خور انڌين ڪارپوريشنز جي پيدا ڪيل ڪيميائي ۽ نباتاتي بيمارين هٿان صحت جي تباهي ۽ خود ڪورونا وائرس جي پيدائش، جنهن سان لکين ماڻهن جي زندگيءَ جو ذيان ۽ سموري سماجي زندگي جي اٿل پٿل انساني نسل ۽ دنيا جي سلامتي جو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، بجاءِ ان جي جو سمورو ڌيان انسانن جي سلامتي دنيا جي خير تي ڏنو وڃي، آمريڪي سامراج جو سمورو ڌيان دنيا مٿان قائم سندس تسلط کي بچائڻ تي لڳو پيو آهي، جهڙيءَ طرح اردگان کي سندس ڪرندڙ سياسي ساک کي بچائڻ لاءِ ڊرامي بازي ڪرڻي پئي، اهڙيءَ طرح صدر ٽرمپ جي ڪورونا وبا تي ضابطو آڻڻ  ۾ ناڪامي سان جيڪا سندس سياسي تذليل ٿي آهي ان تي پردو وجهڻ لاءِ هن سمورو ملبو چين تي اڇلي ڇڏيو آهي.

ايندڙ صدارتي چونڊن کان هٽي ڪري، اصل خطرو عالمي استعماري بالادستي کي آهي جنهن لاءِ آمريڪي قوتون ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهن، دنيا تي آمريڪي معاشي بالادستي کي جيڪڏهن ڪنهن جو چئلينج آهي ته اهو چين آهي جيڪو هن ڏهاڪي جي آخر تائين دنيا جي وڏي معيشت بڻجي ويندو، نه فقط صنعت ۽ واپار جي ميدان ۾  پر جديد ٽيڪنالوجي، اطلاعاتي ۽ مصنوعي ذهانت جي ميدانن ۾ به. هن وقت آمريڪا ۽ چين ۾ هڪ خوفناڪ واپاري ۽ سفارتي جنگ جاري آهي، جيڪا ايترو جلدي ختم ٿيڻ واري ناهي، صدر ٽرمپ قومي اجاره دار سرمائيداري کي اوليت ڏيندي جهڙيءَ ريت عالمگيريت کي سبوتاز ڪيو ان سان پوري جا پوري ٻين عالمي جنگ کانپوءِ استعماري نظام کي لوڏي ڇڏيو آهي، هاڻ گلوبلائيزيشن جو چيمپئن چين آهي ۽ آزاد واپار جو مبلغ به، ان ڪري به ته عالمگيريت چين کي عالمي منڊي ۾ گهڙڻ ڏنو ۽ هاڻ هو دنيا جي شين جي سپلاءِ جو 25 سيڪڙو ڏئي ٿو، آمريڪي، جرمن، اطالوي، برطانوي، فرانسيسي سرمائيدارن کي ڳرو سرمايو چين جي ڪري آهي، ٽيرف وار سان نقصان انهن ئي ملٽي نيشنل ڪمپنين جو ٿيندو جيڪي چين جي منڊي مان ٻه طرفو فائدو حاصل ڪري رهيون آهن، ياد رهي ته ڪورونا وائرس جي جهٽڪي کانپوءِ چين جي معيشت وري هلڻ شروع ڪيو آهي.

هن وقت عالمي صف بندي ٿي رهي آهي جنهنجو وڏو مرڪز ايشيا جو بحرالڪاهل جو علائقو ٿيندو، چين ۽ ڀارت ۾ اوڀر لداخ ۾ لائن آف ايڪچول ڪنٽرول(ايل اي سي) ۾ هاڻوڪين جهڙپن به صفبندي کي تيز ڪيو آهي، ايل اي سي جي هنِ يا هُن طرف خلاف ورزي پينگانگ جي ڍنڍ ۽ گلوان تي چيني قبضي سان ڪو وڏو اسٽريجڪ مفاد لاڳاپيل ناهي سواءِ ان جي ته اڪسايل چين تي ڀارتي دعوا کي چينين سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو آهي، البت ڀارت چين تڪرار سان آمريڪا جي چين مخالف علائقائي جٿابندي تيز ٿي وئي آهي، ايندڙ مهينن ۾ ڀارت، آمريڪا، آسٽريليا ۽ جاپان هندي سمنڊ ۾ جنگي مشقون ڪرڻ طرف وڃي رهيو آهي، عالمي منظر ۾ ڀارت جي چين مخالف ٿيڻ جي حڪمت عملي خود پاڻ ۽ خطي لاءِ مفاد ۾ ناهي، چيني به اهو سمجهن ٿا ته دنيا ايڏي وڏي آهي جو ٻئي ايشيائي قوتون پنهنجو پنهنجو حصو کڻي سگهن ٿيون.

بدقسمتيءَ سان ان ڇڪتاڻ سبب خطي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ وري شروع ٿي ويندي ۽ ڀارت چين جهيڙي مان فائدو آمريڪا کڻندو، ڀارت جنهنجي ڏکڻ ايشيا تي بالادستي جي دعوي هئي اهو واپاري ميدان ۾  ڏکڻ ايشيا جي سمورن ملڪن ۾ چين جي مقابلي ۾ پوئتي ٿي ويو آهي ايتري تائين به جو ايران ۾ به سندس قدر گهٽ ٿي ويو آهي ۽ اتي به چين 400 ارب ڊالرن جو سرمايو لڳائي رهيو آهي ۽ ايئن چار بهار سسٽر بندرگاهون ٺهي وينديون، يقينن ان ڇڪتاڻ سان جتي پاڪستان جي سي پيڪ منصوبي تي دٻاءُ وڌي ويندو، اتي پاڪستان تي ڀارتي دٻاءُ گهٽ ٿيندو، هاڻ علائقائي راند چين ڀارت پاڪستان جي ميدان تي کيڏي ويندي، هاڻ ڏسجي ته ڪير صحيح پتا ٿو کيڏي ۽ عالمي تبديلين مان فائدو ٿو حاصل ڪري، دنيا تبديل پئي ٿئي، اسان تبديل ٿيون ٿا يا نه!



      امتياز عالم

 (جنگ جي ٿورن سان)