ڪار ريس ڏسڻ جي شوقين مداحن ڪرينون ڀاڙي تي وٺي ڇڏيون

news

پولينڊ: (اڱارو 28 جولاءِ 2020ع) عالمي وبا ڪورونس وائرس سبب هر ڪو احتياطي تدبيرن سان گڏوگڏ سماجي وٿي برقرار رکڻ تي به عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

ڪورونا وائرس سبب جتي دنيا جو سمورو نظام متاثر آهي ته اتي ئي اسپورٽس جون سرگرميون به اڃان تائين متاثر ٿيون آهن. ان حوالي سان تازو ئي ڪار ريس جي مداحن سماجي وٿي جي اصولن تي عمل ڪندي ريس ڏسڻ جي لاءِ هڪ ڌار حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي.

پولش شهر لبلن ۾ ڪار ريس جي مداحن پنهنجي پسنديده ڊرائيور کي سپورٽ ڪرڻ ۽ ريس ڏسڻ جي لاءِ 21 ڪرينون ڀاڙي تي ورتيون. مداحن تعميراتي ڪمن ۾ استعمال ٿيندڙ 21  ڪرينن تي ويهي ڪار ريس ڏٺي ۽ پنهنجي پسنديده ڊرائيورن کي سپورٽ به ڪيو.

  ڪورونا وائرس سبب ارينا ۾ صرف 25 سيڪڙو مداحن کي ويهڻ جي اجازت ڏني وئي هئي اهوئي سبب آهي انهن ريس ڏسڻ جي لاءِ ڪرينون ڀاڙي تي ورتيون. سوشل ميڊيا تي هي تصويرون ڪافي وائرل ٿيون جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مداح آسمان جي  اونچائين ۾ ڪرين تي ويهي ڪار ريس جو مزو وٺي رهيا آهن.