اڏيرولال:ڊاڪٽر جي بدلي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج، اڳوڻو ڊاڪٽر واپس بدلي ڪرڻ جو مطالبو

news

اڏيرولا(رپورٽ:حافظ امتياز چنا)اوڏيرولال اسٽيشن لڳ بيسڪ هيلٿ سينٽر طاهر هنڱورو جي انچارج ڊاڪٽر شجاع محمد شاهه جي بدلي ڪرڻ خلاف 20 کان مٿي جي ڳوٺن جي رهواسين جو اسپتال جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد پي پي ايڇ  آءِ انتظاميه مٽياري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو،اوڏيرولال وايا قيصر سينهڙو روڊ تي ڌرڻو هنيو ۽ 2 ڪلاڪ روڊ بلاڪ ڪيو جنهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل رهي.

 ڇٿي نعري بازي ڪندي اڳواڻن محمدخان هنڱورو، حزب الله، محمد زبير هنڱورو، عبدالرشد، گل محمد هنڱورو، منور ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته ڊسٽرڪ مينيجر پي پي ايڇ آءِ، ڄاڻي واڻي ڊاڪٽر سان دشمني رکي بدلي ڪيو آهي.

 هنن چيو ته ڊاڪٽر شجاع محمدشاهه هڪ بهترين ڊاڪٽر آهي جنهن کي بدلي ڪري اسان کان صحت جون سهولتون کسيون پيون وڃن، ان جي جاءِ تي ٻيو ڊاڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو اسپتال کي پنهنجي جاگير سمجهي هلائي رهيو آهي ۽ علاج لاءِ ايندڙ مريضن سان اڍنگو رويو رکي غريب مريضن سان بدسلوکي ڪري رهيو آهي جنهن جون اسان بالا آفيسرن کي شڪايتون ڪيون آهن ۽ لکت ۾ درخواستون پڻ ڏنيو آهن پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.