ٽنڊوڄام ٿاڻي جي ڀر ۾ واقع مشهور بيڪري مان چور اڍائي لکن جي چوري ڪري فرار

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام ٿاڻي جي ڀر ۾ واقع مشهور بيڪري مان چور هڪ لک 30 هزار روڪ رقم سميت اڍائي لکن جي چوري ڪري فرار. واپاري اڳواڻن پاران امن امان بحال ڪرڻ جي گهر.

خبر موجب ٽنڊوڄام ٿاڻي سان لڳ واقعي ٽنڊوڄام جي مشهور بيڪري مان نامعلوم چور هڪ لک ٽيهه هزار رپين جي روڪ رقم، ايل سي ڊي ۽ ٻئي قيمتي سامان سميت سميت اڍائي لک رپين جي چوري ڪري فرار ٿي ويا. انھي حوالي سان بيڪري مالڪ شهزاد راجپوت ميڊيا کي ٻڌايو ته چورن ٿاڻي جي ڀت تي چڙهي سي سي ٽي وي ڪئميرا جون تارون ڪٽڻ بعد بيڪري جي شٽر جا ڪنڍا ڪٽي بيڪري ۾ پيل هڪ لک 30 هزار روپيا روڪ، ايل سي ڊي ٽي وي ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا آهن.

هن چيو ته سڄي رات ٿاڻي تي فقط هڪ سنتري موجود هوندو آھي ۽ پوليس موبائل پاران به گشت نظر نٿو اچي. بيڪري مالڪ پاران ٽنڊوڄام ٿاڻي تي واقعي جي لکت ۾ رپورٽ درج ڪرائڻ بعد پوليس پهچي جاءِ واردات جو معائنو ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

ٻئي طرف انجمن تاجران ٽنڊوڄام جي صدر رائو عبدالمنان راجپوت واپاري اڳواڻن سان گڏ جاءِ واردات تي پهچي واقعي بابت معلومات حاصل ڪئي ۽ گهر ڪئي ته ڏوهارين کي قانون جي گرفت ۾ آڻي، شهر ۾ امن امان بحال ڪرايو وڃي.